ڪراچي ۾ وسڪاري بعد ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ، اڄ کان وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ تيز برسات بعد مختلف علائقن ۾ پاڻي جمع ٿي ويو آهي، آءِ آءِ چندريگر روڊ، ڪورنگي مهراڻ ٽائون، پيپلز چورنگي، نيو ايم اي جناح روڊ سميت مختلف علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي.
ميڊيا رپورٽن موجب، برسات کانپوءِ ايمپريس مارڪيٽ ۽ پاسپورٽ آفيس ڀرسان پاڻي بيهجي ويو.
موسميات کاتي اڄ کان 6 آگسٽ تائين سڄي ملڪ ۾ چوماسي جي تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي موجب، اسلام آباد، پنجاب، سنڌ خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير به برسات جو امڪان آهي.……

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.