اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته فوج پاڻ کي سياست کان ڌار رکڻ جو فيصلو ڪيو هو انڪري فوج کي سياست ۾ ملوث نه ڪرڻ گهرجي جڏهن سمجهندا تڏهن پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويندو.
آمريڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي احسن اقبال چيو ته فوج ۽ پي ٽي آءِ ڳالهه ٻولهه ٿئي ته ڪا پريشاني ناهي، فوج واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هو سياست کان ڌار رهڻ چاهي ٿي، فوج فيصلو ڪيو هو ته سياست کان پاڻ کي ڌار رکڻو آهي انڪري فوج کي سياست ۾ ملوث نه ڪرڻ گهرجي.
وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني ٻڌائي فوج سان ڪهڙي معاملي تي ڳالهيون ڪرڻيون آهن؟ عمران خان فوج کي سياست ۾ مداخلت جي دعوت ڏئي رهيو آهي، پي ٽي آءِ باني قبول ڪري ٿو ته جي ايڇ ڪيو خلاف احتجاج سندس رٿابندي هئي، سندس سياست جو طور طريقو تضادن سان ڀريل آهي، هو هڪ طرف سول بلادستي ۽ گڏوگڏ فوج کي مداخلت جي دعوت ڏئي ٿو، هو چاهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کيس گهوڙي تي چاڙهي وزيراعظم هائوس پهچائي.
هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ 9 مئي ٿئي ها ته پي ٽي آءِ خلاف ڪارروائي ٿئي ها، آمريڪي ڪانگريس تي حملي ۾ ملوث جوابدار کي 14 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، پي ٽي آءِ پاڪستاني رياست جي مفادن تي سڌي ريت حملا ڪري رهي آهي، اهڙي قسم جي سياست کي ڪنهن به جهموريت ۾ اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
احسن اقبال اِهو به چيو ته پي ٽي آءِ پنهنجو طور طريقو بدلائي ۽ قوم ۽ ادارن کان معافي وٺي ته قومي ڌارا ۾ شامل ٿي سگهي ٿي، پي ٽي آءِ ادارن کان معافي وٺي ته جيئن قومي سياست ۾ رستو ٺهي سگهي، موجودا طرز سياست سان گڏ پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ جي گنجائش ناهي.
وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪنهن پارٽي تي پابندي رڳو حڪومت جي خواهش تي نٿي لڳائي سگهجي، حڪومت کي پابندي لاءِ اعليٰ عدالت وٽان منظوري به وٺڻي پوندي آهي، پابندي جو فيصلو ٻاهرين ملڪن ۾ رياست ۽ ادارن خلاف هلايل مهم کانپوءِ ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ سياسي ويڙهه کي آمريڪي ايوان ۾ کڻي وئي، پي ٽي آءِ تي پابندي آئين ۽ قانون موجب هوندي، جڏهن ادارا سمجهندا تڏهن پي ٽي آءِ تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويندو.
You might also like