پاڪستان پارا چنار واقعي تي ايراني بيان غيرضروري قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ پارا چنار ۾ ٿيل قبائلي جهيڙي بابت ايران جي بيان کي غيرضروري قرار ڏئي ڇڏيو.
هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ هو ته وڏي انگ ۾ پاڪستاني شهري وچ اوڀر وارن ملڪن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، گهڻو ڪري پاڪستاني قانون جو احترام ڪندڙ آهن، ميزبان حڪومتون پنهنجي معاشرن جي ترقي ۾ پاڪستانين جي ڪردار جي ساراهه ڪن ٿيون، پاڪستان هميشه پنهنجي شهرين کي چيو ته هو جن ملڪن ۾ آهن انهن جي قانونن ۽ روايتن جو احترام ڪن، جڏهن ڪو به ڪيس پرڏيهي وزارت وٽ ايندو ته ان کي لاڳاپيل حڪومتن سان شيئر ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته جرمني جي شهر فرينڪفرٽ ۾ ٿيل واقعي تي جرمن حڪومت سان رابطو ۾ آهيون، جرمن حڪومت کي چيو آهي ته ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
پاڪ افغان سرحد تي مال بردار گاڏين جي ويزا بابت سوال تي پرڏيهي ترجمان جو چوڻ هو ته پاڪ افغان سرحد تي ماڻهن جي چرپر لاءِ ون ڊاڪيومينٽ رجيم انتهائي ضروري آهي.
ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ هو ته پاڪستان 5 آگسٽ 2019 کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ ٿيل تبديلين تي آواز اٿاريندو رهيو آهي، ڀارتي ميڊيا جي دماغ تي پاڪستان ڇانيل آهي، ڀارت ۾ جيڪو ڪجهه به ٿئي ٿو ان جو الزام پاڪستان تي هنيو ويندو آهي، ڀارتي ميڊيا ۽ ڀارتي پبلڪ آفيشلز کي پاڪستان آبسيشن آهي، هو هر ناڪاري شئي ۽ واقعي تي پاڪستان کي ذميوار قرار ڏين ٿا.
پرڏيهي ترجمان چيو ته پاڪستان يقين رکي ٿو ته فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هنيه جي قاتلن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
هن ٻڌايو ته وزيراعظم طبعيت خراب هجڻ سبب ايراني صدر جي حلف برادري واري تقريب لاءِ هڪ ٽيم کي نامزد ڪيو، ان ٽيم نائب وزيراعظم اسحاق جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي.
پارا چنار واقعي تي ايراني عملدارن جي بيان بابت پرڏيهي ترجمان رد عمل ڏيندي چيو ته ڪنهن به انسان جو قتل برداشت جوڳو ناهي، پاڪستان پنهنجي شهرين جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جو ذميوار آهي، پاراچنار تي ايراني بيان عير ضروري آهي، ان بيان تي پاراچنار جي مڪمل صورتحال جو احاطو موجود نه آهي، گهرو زوارت ان بابت ڪم ڪري رهي آهي، شيڊيول 4 ۾ ماڻهن کي شامل ڪرڻ هڪ قانوني عمل آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.