اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير ۽ ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان تي 130 ارب ڊالر جو پرڏيهي قرض آهي ته پريشان نه ٿيڻ گهرجي.
اسلام آباد ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان جي معيشت ۾ گهڻي صلاحيت آهي، جيڪڏهن ملڪ تي 130 ارب ڊالر قرض آهي ته پريشان نه ٿيو.
هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ ڏهه هزار ڊالر کان وڌيڪ جي معدنيات آهي، پي ڊي ايم اي جي حڪومت جي رڳو هڪ ايجنڊا هئي ته ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻو آهي.
You might also like