ٽنڊي باگي ۾ جي ڊي اي اڳواڻ جي گرفتاري خلاف شٽربند هڙتال

ٽنڊو باگو (عوامي آواز نيوز)ٽنڊي باگي مان جي ڊي اي اڳواڻ غلام محمد خواجا جي دوست سوڌو گرفتاري خلاف جي ڊي اي جي سڏ تي  شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪئي وئي، جي ڊي اي، قومي عوامي تحريڪ، جماعت اسلامي ۽ ٻين سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن ۽ شهرين طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو ويو.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس جي ڊي اي اڳواڻ ۽ ذوالفقار مرزا جي ويجهي ساٿي غلام محمد خواجا ۽ سندس دوست فيصل چيما کي گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي، کنڀي گم ڪيل اڳواڻ کي ظاهر نه ڪرڻ جي صورت ۾ سموري بدين ضلعي ۾ ڌرڻا هڻڻ جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.