اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) فيڊرل بورڊ آف روينيو جي چيئرمين امجد زبير ٽوانا جلد رٽائرمينٽ جي درخواست ڪري ڇڏي. ذريعن موجب امجد زبير ٽوانا عهدو ڇڏڻ لاءِ ٻن هفتن جو نوٽيس ڏنو آهي جڏهن ته چيئرمين ايف بي آر وزيراعظم آفيس کي خط لکي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته چيئرمين ايف بي آر فيبروري 2025ع ۾ نوڪري تان رٽائر ٿيڻو هو جڏهن ته زبير امجد ٽوانا حڪومت کي لکت ۾ آگاهه ڪيو هو. ذريعن جو چوڻ آهي ته استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ امجد زبير ڪابينا جي 2 کان وڌيڪ ميمبرن سان صلاح مشورا ڪيا ۽ ڪابينا ميمبرن امجد زبير کي استعيفيٰ ڏيڻ جو به چيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايف بي آر جي اعليٰ آفيسرن به امجد زبير ٽوانا سان سهڪار نه ڪيو، هن وقت ايف بي آر ۾ 21 کان وڌيڪ آفيسر امجد زبير ٽوانا کان سينيئر آهن. ذريعن موجب امجد زبير ٽوانا کي پي ڊي ايم حڪومت ۾ ان وقت جي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار مقرر ڪيو هو ۽ هو موجوده نائب وزيراعظم اسحاق ڊار جو ويجهو سمجهيو ويندو آهي.