سنڌ پنجاب جي سرحدي ڪچي ۾آپريشن، 4 ڌاڙيل مارجي ويا

سکر/گهوٽڪي/رائونتي(رپورٽ آزاد مهر+ خالد وسير+برڪت علي گھنڃو)سنڌ پنجاب سرحدي علائقي ۾ماڇڪو پوليس پاران عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ڪيل مغوين جي بازيابي لاءِ ماڇڪو جي ڪچي واري  علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران ڏوهارين سان سخت مقابلو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڏوهاري صديق شر، رکيو ڪوش، راڻو شر سميت 4 ڌاڙيل موقعي تي مارجي ويا، جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار قيصر چٺا فائرنگ ۾ سخت زخمي ٿي پيو، جڏهن ته ايس ايڇ او ماڇڪو راڻا رمضان کي ڏوھاين سان مقابلي دوران سخت گرمي ۽ دٻڻ ۾ ڦاسي پوڻ سبب دل جو دورو پيو ۽ فوت ٿي ويو، مارجي ويل ڏوھارين، ايس ايڇ او جو لاش ۽ زخمي اهلڪار کي صادق آباد اسپتال پھچايو ويو، اھڙي واقعي کان پوءِ رحيم يار خان پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پھچي وئي. هوڏانهن ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ته پنجاب پوليس جي آپريشن ۾ شر گينگ جا ڏوهاري ماريا ويا هئا جنهن جو پلاند ڪيو ويو آهي، هوڏانهن هٿياربند شهيد پوليس اهلڪارن جا سرڪاري هٿيار به کڻي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.