سکر/گهوٽڪي/اوٻاوڙو(رپورٽ آزاد مهر+ خالد وسير+ عبدالحئي ڇڄڻ)گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف هلندڙ آپريشن بعد ڌاڙيل پوليس اهلڪارن جا ويري بڻجي ويا آهن، هڪ ڀيرو ٻيهر ڏوهارين اوٻاوڙي کان رائونتي ٿاڻي تي ڏيوٽي تي ويندڙ پوليس اهلڪارن مٿان مياڻي روڊ تي هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ عبدالسميع پٽ مير محمد سمون، شفيق گل ۽ عبدالحنان پٽ غلام فريد ملڪ شهيد ٿي ويا، ياد رهي ته 3 ڏينهن اندر ڏوهارين پاران پوليس مٿان هي ٻيو حملو آهي، پهريان 2 ۽ هاڻي وري 3 پوليس اهلڪار شهيد ڪيا ويا آهن. ھوڏانھن گھوٽڪي پوليس اھلڪارن جي شھادت بعد وڏي نفري طلب ڪري ورتي آھي ۽ اي پي سي ڪچي طرف رواني ٿي وئي آهي.