گذريل سال جڏهن فلسطين جي هڪ ويڙهاڪ تنظيم ”حماس“ اسرائيل تي خطرناڪ حملو ڪيو هو جيڪو اسرائيل مٿان سڀ کان وڏو حملو ٻڌايو پئي ويو هو، جنهن ۾ حماس غزا پٽي کان هزارين راڪيٽ فائر ڪيا هئا، ان کان پوءِ اسرائيلي آبادين ۾ داخل ٿيندڙ بندوق بردارن جي اوچتو حملي ۾ 20 کان وڌيڪ اسرائيلي مارجي ويا هئا.
ان وقت کان وٺي هيل تائين اسرائيل جنگ ۾ هزارين ماڻهو شهيد ڪيا آهن پر هن کي ڪو به روڪڻ وارو ناهي.دنيا جا طاقتور ملڪ توڙي انساني حقن جو تنظيمون رڳو قراردادون پاس ڪري مذمتي ٺهراءُ آڻي اسرائيل کي جنگ بندي ڪرڻ جو چئي خاموش ٿي وڃن ٿيون پر هي اسرائيل جهڙو اجگر نانگ انسانيت جا سڀ ليڪا لتاڙي انسان کي ڳهي رهيو آهي.
دنيا کي انصاف ڏياريندڙ وڏي عدالت عالمي عدالت جي حڪم ۽ عالمي دٻاءَ جي باوجود غزا ۾ بيگناهه فلسطينين تي حملا جاري رکيا آهن.غزا ۾ اسرائيلي حملن دوران ڪيترائي فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، فلسطيني صحت واري وزارت هن وقت تائين غزا ۾ شهيد ٿيلن فلسطينين جو انگ 36 هزار 379 ٻڌائي رهي آهي، جڏهن ته اسرائيلي حملن ۾ هن وقت تائين 82 هزار 407 فلسطيني زخمي ٿي چڪا آهن.
هن جنگ دوران اسرائيل توڙي حماس جا ڪيترائي اهم ماڻهو مارجي چڪا آهن.ڪالھه پوري دنيا جي ميڊيا تي رات دير جو اها خبر گردش ڪندي رهي ته اسرائيلي حملي ۾ حماس اڳواڻ اسماعيل هانيا تهران ۾ مارجي ويو آهي جنهن جي حماس تصديق به ڪئي. ايران جي شهر تهران ۾ اسرائيلي حملي دوران حماس جي سياسي ونگ جو سربراھ اسماعيل هانيا شهيد ٿيو آهي.جڏهن ته حملي ۾ سندس هڪ محافظ به شهيد ٿي ويو آهي.ايراني ٽي وي جو چوڻ آهي ته اسماعيل هانيا ايراني صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ تهران پهتو هو. سندس رهائشگاھ تي حملو ڪري کيس شهيد ڪيو ويو. ان بابت ايران جو چوڻ آهي ته قاتلاڻي حملي جي جاچ جا نتيجا جلد سامهون ايندا. اسماعيل هانيا جي شهادت تي حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حماس جي سربراھ تي حملي جي ذميوارن کي سزا ڏني ويندي. فلسطيني عوام، عرب عوام، امت مسلمه ۽ سڄي دنيا جي صالح عوام اسماعيل هانيا جي شهادت تي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا.
حماس اڳواڻ سامي ابو زهري اسماعيل هانيه جي شهادت بعد چيو آهي ته اسان بيت المقدس کي آزاد ڪرائڻ لاءِ کليل جنگ وڙهي رهيا آهيون، يروشلم لاءِ ڪا به قيمت ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. پاپولر فرنٽ فار دي لبريشن آف فلسطين جي ترجمان مهر الطاهر چيو آهي ته شهيد اسماعيل هانيا فلسطين جي مقصد لاءِ پنهنجي قيمتي ملڪيت جو نذرانو ڏنو آهي فلسطيني پنهنجي مقصد لاءِ هر قيمتي ۽ قيمتي جان ڏيڻ لاءِ تيار آهن. اسرائيلي ميڊيا موجب تهران جي دل ۾ اسرائيلي وقت موجب رات 2 وڳي ميزائل فائر ڪيو ويو، جتي اسماعيل هانيا پنهنجي محافظ سان گڏ موجود هو. غزا جنگ دوران اسرائيلي حملي ۾ اسماعيل هانيا جا ٽي پٽ ۽ چار پوٽا به شهيد ٿي چڪا آهن.
اسماعيل هانيه 1962 ۾ پيدا ٿيو هو هانيه پنهنجي تعليم اقوام متحده جي اسڪول مان حاصل ڪئي هئي. هن پنهنجي ماسات سان شادي ڪئي. جنهن مان هن کي چوڏهن ٻار هئا
هانيه 2017 ۾ حماس جو صدر چونڊيو ويو هو، فلسطين جو وزيراعظم به ٿيو پر الفتح جي محمود عباس سان اختلافن سبب هانيه کي جلدي ئي وزير اعظم جي مسند تان هٽايو ويو هو. اسماعيل هانيه هن وقت حماس جي سياسي ونگ جو سربراهه هو ۽ اسرائيل، حماس امن ڳالهين ۾ به شريڪ رهيو.
هانيه جي تهران ۾ شهادت تي حماس بيان جاري ڪندي چيو آهي ته اسرائيل کان پلاند ڪيو ويندو. حماس اهو به چيو آهي ته هانيه کي يهودين جي ايجنٽن ذريعي قتل ڪيو ويو آهي.
تهران حملي کان اڳ هن ئي سال مئي 2024 ۾ اسرائيل اصفحان تي به ميزائل فائر ڪيو هو.
هانيه جي تهران ۾ شهادت کان پوءِ خود ايران جي سيڪيورٽي ۽ خفيه ادارن بابت وڏا سوال پيدا ٿيا آهن.
بظاهر ايران پاڻ کي سيڪيورٽي جي حوالي سان وڏو طاقتور ملڪ محسوس ڪرائيندو آهي پر هانيه جي شھادت ايران جا فوجي طاقت جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا آهن.
هڪ طرف ايران جي ميزائلن کي فضا ۾ ئي ختم ڪرڻ واري ٽيڪنالاجي تي آڱريون کڄڻ شروع ٿيون آهن ته ٻئي طرف ايران جي خفيه ايجنسي بابت به چيو پيو وڃي ته ان ۾ اسرائيل پنهنجو اثر رسوخ وڌائي ڇڏيو آهي.
ظاهر آهي ته هانيه کي تهران ۾ سخت سيڪيورٽي ۾ رکيو ويو هوندو ڇاڪاڻ ته هو حماس جو اهم اڳواڻ هو جيڪو هر وقت اسرائيل جي ٽارگيٽ تي هو. ان جي رهائش تائين اسرائيل جي رسائي مقامي ايجنٽن کان سواءِ ڪيئن ممڪن ٿئي هوندي؟
توڙي جو آمريڪا هانيه جي قتل تي اڃان ڪو پاليسي بيان جاري ناهي ڪيو ان هوندي به جڏهن جنگ بندي جون ڳالهيون هلندڙ هجن ان وقت عالمي اخلاقيات کي ٽوڙي ايران جي سرحدون پار ڪري جهڙي طرح اسرائيل اسماعيل هانيه تي حملو ڪيو آهي سو باقي مسلمان ملڪن لاءِ انتهائي ڇرڪائيندڙ عمل آهي.
ان جو مقصد اهو به آهي ته اسرائيل کان ڪو به مسلمان ملڪ يا اڳواڻ محفوظ ناهي.
ڳڻتي جوڳي حالت ته ايران سان به آهي ته هو ڪيئن ٿو پنهنجي سيڪيورٽي ادارن ۽ خفيه ايجنسين مان اسرائيل نواز ماڻهو ٻاهر ڪڍي اچي.
بهرحال هن وقت تائين اسرائيل جيڪي به اڳواڻ پنهنجي هٽ لسٽ تي رکيا آهن تن کي آهستي آهستي موت جي حوالي ڪري رهيو آهي.
اسرائيل مسلمان اڳواڻ سميت غزا جي عوام کي جنهن نموني قتل ڪري رهيو آهي ان مان اهو معلوم ٿي رهيو آهي ته هي جنگ رڪجڻ واري نه آهي جنهن ۾ هزارين بيگناھ ماڻهو سڙي مري رهيا آهن سموري دنيا جا ملڪ انساني حقن جو تنظيمون بي لغام اسرائيل کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويون آهن ڇو ته اسرائيل هڪ طرف جنگ بندي جو ڳالهيون ڪري ٿو ٻي طرف اهڙا دل سوز حملا ڪري مسلم دنيا کي رنجائي رهيو آهي اتي اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر هڪ بي لغام اسرائيل کي ڪير لغام ڏيندو جو انسانيت جي هن وڏي جنگ کي روڪي سگهجي ائين نه ٿئي جو اسرائيل جي جنگ ۾ مسلم ملڪ ترڪي جيان جاڳي پون ۽ هي جنگ عالمي بڻجي دنيا کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏي