ٿرين کي کنوڻ جي نقصان کان بچائڻ جا انتظام ڪيا وڃن

تحرير: غازي بجير

گذريل ڪجھه عرصي يعني سال 2018ع بعد ٿر ۾ اوچتو کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ تيزي سان اضافو ٿيو آهي،هر سال برساتن جي موسم دوران وڏي انگ ۾ انساني جانيون ضايع رهيون آهن،گذريل ست ورهين دوران کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ 165جي لڳ ڀڳ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال پُڻ اجل جو شڪار ٿيو،ٿرپارڪر ضلعي ۾ گذريل ستن سالن دوران برساتن سان گڏ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي،ستن سالن ۾ آسماني بجلي 165 انساني زندگيون ڳڙڪايون،اُنهي سلسلي ۾ مليل رپورٽن موجب ته سال 2018ع ۾ 20،سال 2019ع ۾ برساتن سان گڏ آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن ۾ 24 ڪلاڪن دوران 40 انساني زندگيون ضايع ٿيون،سال 2020ع کنوڻ ڪرڻ جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا فوت ٿيا،سسل 2021ع ۾ 20 ڄڻا فوت ٿيا،سال 2022ع دوران 18 ڄڻا کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ اجل جو شڪار ٿيا،سال 2023ع ۾ 19 ڄڻا فوت ٿيا ۽ هلندڙ سال تازو هڪ ڏينهن ۾ 8 ۽ ٽوٽل 12 ڄڻا فوت ٿي چُڪا آهن،جڏهن ته ستن سالن دوران هزارن جي تعداد ۾ چوپايو مال پُڻ مري چُڪو آهي،گذريل ڏينهن ننگرپارڪر جي ڳوٺ اڪراڙو ۾ هڪ پورهيت خاندان ٻنيءَ ۾ ڪنڊيءَ جي وڻ هيٺ ويٺل هو ته مٿي کنوڻ ڪري پئي،نتيجي ۾ ٻن ٻارڙن سميت هڪ ئي گهر جا 6 ڄڻا فوت ٿي پيا،ٻي واقعي ۾ 2 فوت ٿيا،

ان حوالي سان کنوڻ ڪرڻ وارن واقعن ۾ رڪارڊ اضافي بعد ٿر ۾ خوف واري فضا پکڙيل آهي،ٿر ۾ برساتن جو سلسلو گهٽجي ويو آهي ۽ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا وڌي رهيا آهن،هيل سال ٿر ۾ اڃان تائين ڪي خاص برساتون ناهن پئجي سگهيون،آڳاٽين برساتن بدران پاڇاٽين برساتن به مزو ڪونهي ڪيو،ٿر ۾ هن وقت تائين ڪٿي به 100 ملي ميٽر برسات ناهي پئي،هونئين ٿر کي وسڪاري جي مُند دوران 15،15ڏينهن جي وقفي سان 350 ملي ميٽر جي 4 برساتن جي ضرورت پوندي آهي،ڄاڻايل وقفي سان چئن برساتن بعد ٿر ۾ مڪمل وسڪارو ٿيندو آهي،پر ڪجھ عرصي کان موسمي تبديلين جي اثراتن سبب برساتون گهٽ پون ٿيون ۽ هلڪيون پون ٿيون اُهو به ٽائيم تي نه ٿيون پون،جنهن سبب ٿر واسي سخت پريشانين کي منهن ڏيندا پيا اچن،هيڪ هيل سال به سرسري طور ٿر ۾ هڪڙي به مڪمل ڪا برسات ناهي پئي،ڪٿي هلڪي ته ڪٿي ڪٿي تيز برسات جو وسڪارو ضرور ٿيو آهي پر اُهو برسات جو وسڪارو به هڪڙي سيم تي سُٺو آهي ته ٻي سيم ۾ هلڪي برسات پئي آهي،جنهن سبب مڪمل طور تي ٿر اڃان تائين کيڙجي ناهي سگهيو،هلڪين هلڪين برساتن دوران کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي آهي،هلڪي هلڪي برسات سبب کنوڻ انساني جانين جو نقصان ڪري رهي آهي،

ٿري لوڪ ڏاهپ ۽ وڏي عمر جي وڏڙن موجب ته اسان پنهنجي 100 سالن جي عمر ۾ اهڙي نموني کنوڻ ڪرڻ جا واقعا ڪڏهن ناهن ڏٺا،اڳ ۾ برساتون جام پونديون هيون،کنوڻ ڪرڻ جا واقعا پيش نه ايندا هئا،ڪو ايڪڙ ٻيڪر جهنگ ۾ ڪٿي ڪننهن وڻ تي کنوڻ ڪرندي هئي ته ماڻهو وڃي وڻ کي ڏسڻ ويندا هئا،سالن ۾ ڪو هڪ دفعو ڪٿي کنوڻ ڪرندي هئي،وسڪارا ٿيندا هئا ته ماڻهو خوشين ۾ نه پيا ماپيندا هئا ۽ هينئر وسڪاري جي مند ويجهو ايندي ساھ مُٺ ۾ هوندو آهي،کنوڻ سيڪنڊ سيڪنڊ تي پئي ڪري،ٿر ۾ کنوڻ ڪِرڻ جي واقعن جو سبب ماحولياتي ۽ موسمي تبديلي چئي سگهجي ٿي،اڳ ۾ ماڻهو وڻ نه وڍيندا هئا،هيئنر 15 سالن کان ٿر ۾ وڻن جي واڍي سبب وڻ ختم ٿي ويا آهن،اڃان تائين سسلسلو جاري آهي،ٿرڪول تي ڪم ڪندڙ ڪمپنين لکن جي تعداد ۾ وڻ وڍيا آهن،ماڻهو چون ٿا ته ڪوئلي جي کوٽائي سبب ماحولياتي تبديلي آئي آهي،هاڻي حُڪومت کي گُهرجي ته هن تي تحقيق ڪري ته ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا،حُڪومت ۽ هتان جي چونڊيل نمائيندن جي خاص ذميواري آهي ته هن معاملي کي سنجيدگي سان وٺي ٿر واسين جون قيمتي جانيون بچايون وڃن،

انهيءَ سلسلي ۾ پ پ پ ضلع ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ۽ ٿر ايڪشن فورم جي چيئرمين ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ٿرپارڪر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي مختلف واقعن ۾ انساني زندگيون ضايع ٿيڻ ۽ چوپايو مال جي مرڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايڪوهين صدي جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ڊجيٽل دور ۾ کنوڻ ڪرڻ جي واقعن ۾ ايڏي وڏي تعداد ۾ انساني جانين جو ضايع ٿيڻ انتهائي افسوسناڪ ۽ اسان جي حڪمرانن جي نااهلي آهي،گذريل سال ٿر ايڪشن فورم پاران ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن تي ڪانفرنس ڪوٺائي کنوڻ ڪرڻ جي واقعن جي روڪٿام لا۽ حڪمرانن کي تجويزون موڪليون ويون هيون،جيڪڏهن انهن تجويزون تي عمل ڪيو وڃي ها ته اڄ ايڏي وڏي پيماني تي انساني زندگين جو نقصان نه ٿي ها،ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جي وڌندڙ واقعن جي روڪڻ جو فوري حل اريسٽر ارٿ راڊون لڳائڻ آهي،ان سلسلي ۾ سنڌ جي وزيراعلي سيد مراد علي شاهه، ماحولياتي وزير دوست علي راهمون ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر کي لکت ۾ تجويزون موڪلي چڪا آهيون،ٿر جي 2500 ڳوٺن ۾ فوري طور تي ارٿ راڊون لڳائي وڌيڪ انساني زندگين ۽ چوپايو مال کي کنوڻ ڪرڻ جي واقعن کان محفوظ بڻايو وڃي،

ٿر سٽيزن فورم وفاقي،صوبائي حڪومت ۽ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي کان سڄي ضلعي ۾ ارٿ راڊون لڳائڻ،فوتين جي وارثن ۽ چوپائي مال جي مالڪن جي مدد ڪرڻ ۽ کنوڻ ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاء ريسرچ ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي،ٿر سٽيزن فورم جي چيئرمين اوڀايو جوڻيجو،وڪيل وسند ٿري،قربان سميجو،اعجاز بجير،ساجن چارو،جي ايم سونهاراڻي ۽ عظميٰ ابڙينگ جو چوڻ آهي ته ٿر ۾ ٿرڪول منصوبن تي ڪم شروع ٿيڻ کانپوءِ وسندڙ برساتن ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا هر سال وڌي رهيا آهن ۽ هر وسڪاري ۾ انساني توڙي چوپائي مال جو نقصان ٿئي پيو پر ٿرڪول منصوبن تي ڪم ڪندڙ ڪمپنيون توڙي سرڪار ان جو مستقبل حل ڳولڻ لاءِ تيار نه آهن،هنن جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ کنوڻ ڪرڻ جا واقعا تمام گهٽ پيش ايندا هئا پر هاڻي هر وسندڙ برسات نقصان ڪري ٿي ۽ ان جو ڪوبه ازالو نه ٿو ڪيو وڃي،هي برساتون ٿر لاءِ رحمت بجاءِ زحمت بڻجي ويون آهن پر جن جا پيارا هنن برساتن سبب زندگي جي جنگ هارائي وڃن ٿا ۽ سوين جي تعداد ۾ چوپايو مال مري وڃي ٿو ان نقصان جي بدلي ۾ سرڪار ڪابه مدد نه ٿي ڪري ۽ نه ئي وري آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ لاءِ ڪي جوڳا قدم کڻي ٿي،هنن مطالبو ڪندي گهر ڪئي آهي ته اسان ٿر ۾ آسماني بجلي ڪرڻ جي واقعن کي روڪڻ لاءِ وفاقي توڙي صوبائي حڪومت ۽ ضلعي حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته ٿر جي ڳوٺن ۾ ارٿ راڊون لڳائڻ جي شروعات ڪئي وڃي ۽ ان کان علاوه جيڪي ماڻهو توڙي جانور کنوڻ جي زد ۾ اچن ٿا انهن جي وارثن کي معاوضو ڏيئي مدد ڪئي وڃي ۽ کنوڻ ڪرڻ جا سبب معلوم ڪرڻ لاء ريسرچ پڻ ڪرائي وڃي،

هاڻي هن وقت افسوس ڪرڻ جو اِهو مقام آهي ته ستن سالن کان هر برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون پر سنڌ حڪومت هن سموري معاملي تي ڪو به ڌيان ناهي ڏنو،ايڏي انگ ۾ انسانين جانين جي ضايع ٿيڻ تي رياست کي ڪو احساس ناهي،ڪڏهن به هن معاملي تي حڪومت نوٽيس ناهي ورتو،هتان جا ماڻهو بار بار دانهون ڪرڻ ڪرڻ سان گڏ مطالبو ڪري رهيا آهن ته حڪومت کنوڻ جي نقصان کان بچائڻ لاءِ ارٿ راڊون لڳائڻ سان گڏ ريسرچ ڪري تحقيق ڪرائي ته ٿر ۾ کنوڻ ڪرڻ جا ڪهڙا سبب ٿي سگهن ٿا،وفاقي توڙي سنڌ سرڪاري کي گُهرجي ته ٿر ۾ کنوڻ جي نقصان کان بچائڻ لاءِ ڪو اپاءُ ورتا وڃن ته جيئن هتان جا مسڪين ۽ غريب مارو ماڻهو وسڪاري جي موسم دوران بنهنجيون قيمتي جانيون بچائي سگهن ۽ وري برساتن دوران هُو خوشيون ڪري سگهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.