فلم ڊائريڪٽر پروڊيوسر سيد نور پاران مشهور ٽڪ ٽاڪر جنت مرزا کي پنهنجي فلم ۾ آڻڻ کي تباهي قرار ڏنوويو.
تازو هڪ خانگي ٽي وي چينل جي انٽرويو ۾ سيد نور جي ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل آهي جنهن ۾ هن کان سوال ڪيو ويو ته اڪثر انسٽاگرام تي ماڻهو مشهور ٿيندا آهن، انهن جا فالوورز وڌي ويندا آهن جڏهن هو اسٽار بڻجي ويندا آهن ته کين فلمون ڊراما ملندا آهن، اوهان به هڪ اهڙو تجربو ڪيو جيڪو ڪامياب نه ٿيو؟
رپورٽ موجب جواب ۾ سيد نور چيو ته جنت مرزا کي پنهنجي فلم ۾ کڻڻ تباهيءَ کانسواءِ ڪجهه نه هو، اها فلم ايتري محنت سان تيار ڪئي پر ماڻهو ڏسڻ لاءِ ئي نه آيا.
هدايتڪار ڳالهائيندي چيو ته ماڻهن جي سوچ اها هوندي ته جيڪا ٽڪ ٽاڪ تي ڏسي سگهون ٿا ان کي ڏسڻ سينيما ڇو وڃون؟
سيد نور چيو ته پهريونفلمن جا پرستار هوندا هيا، ماڻهو انتظار ڪندا هيا ته فلاڻي جي فلم ايندي ته وڃي ڏسبي پر هاڻي اهڙي ڳالهه ناهي ته ماڻهو انتظار ڪن.