ڪولمبو(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ امڪاني ٽه ملڪي ون ڊي سيريز لاءِ سريلنڪا طرفام شرڪت جي باضابطا تصديق ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ايونٽ جون تياريون تيز ٿي ويون آهن.
ميڊيا رپورٽن موجب، ڄاڻايل ٽه ملڪي سيريز ۾ ميزبان پاڪستان، سريلنڪا ۽ انگلينڊ جي ٽيمن وچ ۾ کيڏي ويندي، جنهن جو مقصد ايندڙ آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي تيارين کي بهتر بڻائڻ آهي.
ذريعن موجب، سريلنڪم ڪرڪيٽ بورڊ هن سيريز ۾ شرڪت تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته انگلش ٽيم جي شرڪت جو به امڪان آهي ۽ سمورن بورڊن جي وچ ۾ شيڊيول کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ صلاح مشورو جاري آهي.
رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اها سيريز هلندڙ سال آڪٽوبر کان نومبر دوران پاڪستان ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته ميچن لاءِ لاهور ۽ ڪراچي کي امڪاني وينيوز طور غور هيٺ آندو پيو وڃي.
ذريعن موجب، سريلنڪن ٽيم دوري دوران محدود اوورن جي سيريز کان اڳ ٽي ٽوئنٽي ميچون پڻ کيڏي سگهي ٿي، جڏهن ته ان کانپوءِ ٽيسٽ سيريز به شيڊيول جو حصو بڻجي سگهي ٿي.
ياد رهي ته پاڪستان ان کان اڳ به ٽه ملڪي سيريز جي ڪامياب ميزباني ڪري چڪو آهي ۽ اها تجويز ڪيل سيريز عالمي ڪپ کان اڳ ٽيمن لاءِ اهم تياري ثابت ٿيندي.