پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ ۾ آمريڪا جو ڪردار

تحرير: خدا بخش بروھي

آمريڪا مختلف وقتن تي پاڪستان تي، مختلف قسمن جون پابنديون ھڻي چڪو آھي ڪڏھن  معاشي، اقتصادي ڪڏھن امداد جي معطلي ڪڏھن دفاعي سامان جي معطلي ڪڏھن ڪجهه ٻيون پابنديون ھڻي چڪو آھي. آمريڪا ھن ملڪ تي پنھنجو برانڊ مڙھڻ ٿي چاھيو پر 26   آڪٽوبر 1947  تي انڊيا ڪشمير ۾ فوجون لاھي قبضو ڪيو  اتي مٿيان ٻئي ملڪ انڊيا جي فيور ۾ رھيا،ڪشمير تي پھرين جنگ 1948 ۾ لڳي ٻنھي نون آزاد ملڪن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آخر يو اين 1949۾ مداخلت ڪندي ان شرط تي جنگ بند ڪرائي ته ڪشمير تي ريفريڊم ٿيندو جيڪو اڄ ڏينھن تائين نه  رڳو ريفريڊم  ٿيو آھي پر ڪشمير جي آزادي ۾ رڪاوٽ وجھڻ لاءِ5 آگست 2019 تي  370 آرٽيڪل کي انڊيا ختم ڪري  ڇڏيو آھي، جيڪو ڪشمير جي آزدي جي ضمانت ۽ حقداري جي علامت ھو،  ڪشمير جي قبضي کي   ان وقت نھرو ۽ مائونٽ بيٽن جي دوستي جو اثر سمجھيو ٿي ويو پر اھا دوستي سو سالن جي  پاليسي ميڪرن جي  ايجنڊا جو حصو  ھو  جنھن سبب  ڪشمير جو حل اڄ ڏينھن تائين نه نڪتو آھي ھِن وقت آمريڪا جي اليڪشن ۾  اڳوڻي صدر  ريپبلڪن اميداوار ڊونلڊ ٽرمپ جو   پلڙو ڀاري ٿيو آھي انجو وڏو سبب ھي به  آھي ته ٽرمپ پنھنجي گذريل ٽينيوئر ۾ مودي سرڪار کي ڪشمير مسئلي جي حل بابت  تنبيهھ ڪئي ھئي  جنھڪري وقتي طور تي ھو  مسلمانن جي دل کٽي ويو ھو پر ڊيموڪرٽڪ صدر جو بائڊن نه فقط ڪشمير تي ڪنٽار پيو ڪري پر فلسطين جي جنگ ۾ ساڳيو رويو اختيار ڪندو پيو وڃي  سندس حڪومتي خاتمي ٿيڻ کان اڳ بائيڊن  سرڪار جتي مٿين  چشم پوشي ڪئي آھي پر  اتي انڊيا کي خوش ڪرڻ خاطر سينيٽ ۾ ھڪ  ريپبلڪن سينيٽر چائنا ۽ پاڪستان تي پابندي بابت بل پيش ڪيو  آھي ان ڪري اھو ثابت ٿيو امريڪي صدر ڊيموڪرٽڪ ھجي چاھي اھو ريپبلڪن پر سينيٽ ۾ انڊيا نواز لابيون ويٺيون آھن جن  مختلف وقتن تي پاڪستان تي پابندين جا بل پيش ڪيا آھن ھاڻي اسين جيڪڏھن پاڪستان تي امريڪي پابندين کي ڏسنداسين  ته سڀ کان پھرين  1965۾ ڀارت-پاڪستان جنگ کان پوءِ، آمريڪا هندستان ۽ پاڪستان ٻنهي تي هٿياربند پابنديون لاڳو ڪيون ٻيو دفعو جمي ڪارٽر انتظاميا1979 ۾  پاڪستان جي ڳجهي ايٽمي هٿيارن جي پروگرام جي انڪشاف کانپوءِ پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون.

1990 ۾ پريسلر ترميم تحت پاڪستان جي ائٽمي پروگرام جي شروع ڪرڻ جي شڪ تي فوجي ۽ معاشي امداد بند ڪئي وئي. 1998 ۾  جڏهن پاڪستان ڀارت جي ايٽمي تجربن جي جواب ۾ پاڪستان  پنهنجا ايٽمي تجربا ڪيا ته آمريڪا گلين ترميم تحت معاشي پابنديون لاڳو ڪيون. پر 2001 ۾ 9/11 کانپوءِ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي اهم اتحادي جي حيثيت سان پابنديون ختم ڪيون ويون. پنجون دفعو 2011 ۾  آمريڪا اساما بن لادن خلاف آپريشن سميت مختلف معاملن تي ڇڪتاڻ وڌڻ کانپوءِ 800 ملين ڊالر جي فوجي امداد معطل ڪري ڇڏي. ڇھون دفعو  2018 ۾ ٽرمپ انتظامي پاڪستان تي انتهاپسند گروپن کي محفوظ پناهگاهون فراهم ڪرڻ جو ڪوڙو الزام  لڳائيندي  لڳ ڀڳ سمورا سڪيورٽي امداد معطل ڪري ڇڏيا  ھيا،

اهي ڪجهه مثال آهن، ۽ ان کان سواءِ ٻيون ننڍيون پابنديون ۽ مختلف وقتن تي لاڳو ڪيون ويون آهن. انهن قدمن کڻڻ جو سبب ايٽمي پکيڙ، فوجي تڪرار، ۽ دهشتگردي بابت خدشات شامل آهن. موجودہ  سينيٽ ۾ پاڪستان ۽ چين مخالف  بل  ريپبلڪن سينيٽر مارڪو روبيو طرفان پيش ڪيو ويو آھي جنھن  بل ۾ پاڪستان جي امداد کي بند ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.پر امريڪي ڪانگريس يا سينيٽ انڊيا جي ڪشمير ۾  کليل دھشتگردي تي بل پاس ڪرائڻ ۾ ڪافي حد تائين ناڪام وئي آھي.

تازو  ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي سينيٽ ۾ ڀارت جي خلاف ڪارروائين سبب پاڪستان جي امداد روڪڻ جي جيڪا  تجويز پيش ڪئي وئي آهي ۽ ان حوالي سان ريپبلڪن ميمبر جي  پاڪستان ۽ چين خلاف بل پيش ڪرڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته انڊيا حڪومت ڀلي ڪھڙا لساني يا مذھبي بنيادن تي  ڪيڏا به پاپ ڪري ان کي ناھي چوڻو ڇوته  انڊيا کي ھٿيار ڏيئي چائنا ۽ پاڪستان جي  مقابلي ۾  مضبوط ڪرڻ جو  پلان زير غور آھي جيئن ھن ٽنھي ملڪن ۾ جنگ لڳي ته آمريڪا پنھنجو پراڻو سلحو انڊيا کي ڏي ۽ چائنا پاڪستان کي معاشي نقصان ڏياري مقصد حاصل ڪري،   سينيٽر مارڪو روبيو بل پيش ڪندي ھڪ راءِ ڏني آھي  ته ڀارت طرفان ممڪنه خطرن کي نظر ۾ رکندي پاڪستان کي امداد بند ڪري ڪانگريس کي آگاه ڪيو وڃي. آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪيل بل ۾ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ ۽ پاڪستان کان امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀارت جي مدد جو واعدو ڪيو ويو، بل ۾ ريپبلڪن سينيٽر چيو ته ڀارت سان اسرائيل، ڪوريا، جاپان ۽ نيٽو جي اتحادين وارا رويا رکي سٺو سلوڪ ڪيو وڃي ان مان آمريڪا جي مستقل پلان جي پرک پوي ٿي  پر سينيٽر کي ٽرمپ پاران ڪشمير اشو تي  مودي  کي مسئلا جلد حل ڪرڻ جي واري ڳالهه شايد وسري وئي آھي  ميڊيا موجب جيڪڏهن بل جي منظوري ڏني وئي ته پاڪستان تي ڪھڙا  اثر پوندا، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن اسلام آباد ۽ واشنگٽن پنهنجي ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، اتي ھي اشو کنيو ويوآھي  جيڪو ٻنھي ملڪن جي تعلقاتن تي منفي اثر وجھي سگھي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.