راولپنڊي ( م ڊ) فوجين کي بغاوت تي ورغلائڻ جي الزام هيٺ پاڪ فوج جي ليفٽيننٽ ڪرنل (ر) اڪبر حسين جو ڪورٽ مارشل ڪري کيس سزا ٻڌائي وئي آهي. آءِ ايس پي آر موجب، فوجي اهلڪارن کي بغاوت تي ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ پاڪ فوج جي رٽائرڊ آفيسر ليفٽيننٽ ڪرنل اڪبر حسين کي پاڪستان آرمي ايڪٽ 1952 تحت جنرل ڪورٽ مارشل ذريعي سزا ٻڌائي وئي آهي. لاڳاپيل عدالت اڪبر حسين کي لڳايل الزامن ۾ ” قصوروار “ قرار ڏيندي قانوني عدالتي عمل ذريعي 10 مئي 2024ع تي 14 سال سخت قيد جي سزا ٻڌائي، جنهن تحت 26 جولاءِ 2024ع تي سندس رينڪ به ضبط ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ جاسوسي، رياست جي سلامتي ۽ مفادن جي ابتڙ قدم کڻڻ تي اڳوڻي ميجر ( ر) عادل فاروق راجا ۽ اڳوڻي ڪپتان (ر) حيدر رضا مهدي کي به فوجي جنرل ڪورٽ مارشل ذريعي پاڪستان آرمي ايڪٽ 1925 تحت بغاوت تي ڀڙڪائڻ ۽ سرڪاري سيڪرٽ ايڪٽ 1923ع جي ڀڃڪڙي تي الزامن ۾ سزا ٻڌائي وئي هئي. اڪبر حسين پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تي خيبرپختونخواهه ۾ بدامني ۽ گهرو ويڙهه جون غلط خبرون به شيئر ڪري رهيو آهي، هو بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ جي واقعن جو ذميوار فوج کي ان حد تائين مڙهي رهيو آهي، جو هو پاڪستان خلاف ڀارتي پروپيگنڊا به شيئر ڪندا آهن . اڪبر حسين خلاف غداري ۽ پرڏيهي فنڊنگ جا الزام بيشمار ثبوتن ۽ ثبوتن سان ثابت ٿي چڪا آهن، ملڪ دشمني جي الزام ۾ کين مفرور قرار ڏئي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.