راولپنڊي (م ڊ) جماعت اسلامي پاران اڄ ڪراچي ۾ گورنر هائوس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. جماعت اسلامي مطالبو ڪيو آهي ته آءِ پي پيز جي فرانزڪ آڊٽ ڪرائي وڃي. حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته پيپلزپارٽي، مشرف دور، نواز شريف ۽ پي ٽي آءِ جي دور ۾ اهي معاهدا ٿيا جن جي حقيقتن کي لڪايو ويو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اعلانڪري ته 1300 سي سي کان وڌيڪ گاڏيون استعمال نه ڪيون وينديون. راولپنڊي ۾ پنجن ڏينهن کان جاري ڌرڻي ۾ هن عمران خان جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ڌرڻي کي خطاب ۾ هن چيو ته پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي پوءِ لاهور ۽ ملتان ۾ ڌرڻا هڻنداسين. هن مطالبو ڪيو ته بجلي جا اگهه گهٽ ڪيا وڃن، آءِ پي پيز جي آڊٽ ڪرائي وڃي، حڪومت کي ٻن ڏينهن جو وقت ڏئي رهيا آهيون، مطالبا مڃرائي وينداسين، 3 آگسٽ تي فلسطين ۽ 5 آگسٽ تي يوم يڪجهتي ڪشمير ملهائينداسين. هن ٻڌايو ته حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور نه ٿي سگهيو. جماعت اسلامي پنهنجا 10 مطالبا حڪومتي ڪاميٽي سامهون رکي ڇڏيا آهن. ان موقعي تي جماعت اسلامي اڳواڻ قيصر شريف، جاويد قصوري، عبدالغفور، ڊائريڪٽر ڊجيٽل ميڊيا سلمان شيخ ۽ ٻيا موجود هئا.