ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي مان اغوا ٿي ڪجهه ڏينهن بعد لاهور ۾ پنهنجي وارثن سان ملندڙ صنعڪار ذوالفقار احمد متعلق ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ڪوثر سلطانه ريمارڪس ڏنا ته هنن حالتن ۾ ته وڌيڪ بهتر هو ته فورسز نه هجي ها، فورسز تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو ؟، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صنعتڪار ذوالفقار احمد جي بازيابي جي حوالي سان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، عدالت ۾ اسسٽنٽ پراسيڪيوٽرجنرل سنڌ چيو ته گم ٿيل ماڻهو گهر واپس اچي ويو آهي، جسٽس ڪوثرسلطانه چيو ته ڇا هي اغوا ڪري ڀنگ جو ڪيس آهي، هنن حالتن ۾ ته وڌيڪ بهتر هو ته فورسز نه هجي ها، فورسز تي اربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو؟، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ذوالفقار ڪراچي مان اغوا ٿيو ۽ لاهور مان ملي ويو، عدالت چيو ته انڪري واپاري ماڻهو ملڪ کي ڇڏي رهيا آهن، عدالت ۾ ايس ايڇ او ڪلري پيش ٿيو. عدالت چيو ته ڇا واقعو پيش آيو آهي، درخواست گذار جو چوڻ آهي ته اسان جو ڪيس داخل نه ڪري رهيا هئا. ايس او ايڇ ڪلري چيو ته اسان شڪايت ڪندڙ مينيجر جو اٿارٽي ليٽر گهرايو هو، عدالت چيو ته ڇا ايف آءِ آر لاءِ اٿارٽي ليٽر ضروري آهي، عدالت جاچ آفيسر کان سوال ڪيو ته اربين رپين جي بجيٽ آهي، رينجرز ۽ پوليس ڇا ڪري رهي آهي، جنهن تي سرڪاري وڪيل جو چوڻ هو ته رينجرز ان ڪيس ۾ ڌر نه آهي، جسٽس ڪوثر سلطانه رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان جا ٻار ملڪ ڇڏي رهيا آهن، هڪ موبائيل فون خاطر سندن جان کي خطرو هوندي آهي، والدين پريشان رهندا آهن ته ڪٿي هڪ موبائل خاطر ڪو سندس ٻار جي حياتي نه کسي وٺي، هن وقت شهري نجي سيڪيورٽي گارڊ رکي پنهنجا اڪائونٽس خالي ڪري رهيا آهن، عدالت پوليس کان پڇاڻو ڪندي چيو ته هو مضبوط ٿي ويا آهن يا توهان؟ جيڪڏهن هاڻي ذوالفقار احمد يا سندس آفيس جي ملازم کي اغوا ڪيو ويو ته ايس ايڇ او خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.