مٺي (رپورٽ:غازي بجير) پي ٽي آءِ جي سرگرم اڳواڻ لجپت سوراڻي کان پارٽي قيادت پاران مخصوص سيٽ وٺي وڪيل ڀڳوانداس کي ڏيڻ بعد پارٽي ۾ ڏڦيڙ وڌي ويو، مخصوص سيٽ تي لجپت ڀيل کي نظرانداز ڪرڻ خلاف پي ٽي آءِ ٿرپارڪر جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، پي ٽي آءِ اڳواڻن ضلع جنرل سيڪريٽري پرشوتم سوراڻي، گومون ڀيل، سورو مل ڀيل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن ريلي ڪڍي مارچ ڪيو، ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته لجپت ڀيل کي پارٽي قيادت اڳ ۾ سنڌ جي مخصوص سيٽن جي لسٽ ۾ پهريون نمبر تي رکيو هو پر هينئر حليم عادل شيخ ۽ لال مالهي پنهنجا نوازي تحت لجپت سوراڻي کي آئوٽ ڪري ڀڳوانداس کي پهريون نمبر تي رکيو آهي جيڪو پارٽي جي نظريي سان دوکو آهي. هنن چيو ته اسان اعلي قيادت کان مطالبو ٿا ڪريون مخصوص سيٽن جي نالن تي نظرثاني ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻي پاسي لجپت سوراڻي ۽ حامين 5 آگسٽ تي ڪراچي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، لجپت سوراڻي موجب ته ڪراچي ۾ هزارين ماڻهو گڏ ڪري پي ٽي آءِ جي صوبائي صدر حليم عادل شيخ ۽ مينارٽي جي لال مالهي خلاف احتجاج ڪنداسين.
-
ڪنول اعجاز ۽ ارم بٽ جون مخصوص سيٽون حيلم عادل شيخ وڪرو ڪيون آھن: لجپت سوراڻي
مٺي: لجپت سوراڻي چيو آهي ته افسوس جي ڳالھه آھي ته ڪنول اعجاز ۽ ارم بٽ جي عورتن جون به مخصوص سيٽون حيلم عادل شيخ وڪرو ڪيون آھن، جنھن جا نمبر سنڌ ۾ پارٽي ڪنول عجاز کي عورتن جي سيٽ پھرين نمبر تي ڏني ھئي ان تي حليم عادل شيخ لال مالھي وڏي رقم ورتي آھي، جنھن جي انڪواري ڪئي وڃي ته اسلام آباد ۾ لال مالھي جي ملي ڀڳت سان راجيش کان ڪروڙين رپيا ورتا. لال مالهي پنجاب مان ڪرسچن برادري کي آئوٽ ڪيو آھي، جنھن جو نوٽيس جلد اعلي قيادت وٺندي. ، اسان کي اميد آھي ته عمران خان تحريڪ انصاف جي اندر لڳندڙ منڊي جي انڪواري ڪري انصاف ڪندو. اسان تحريڪ انصاف ۾ ڪرپٽ مافيائن خلاف سخت احتجاج ڪنداسين.