پني عاقل ۾ پراڻي دشمني تان فائرنگ، هڪ ڄڻو قتل

پنوعاقل (رپورٽ : رستم انڍڙ) پني عاقل جي ڪچي رضاڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ مھرن جي جنگا ۽ تورپائي پاڙن ۾ٻيھر جھيڙو ٿي پيو، فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو شھبان عرف شھبڻ مھر مارجي ويو،ھوڏانھن پوليس جو چوڻ آهي ته مھرن جي ڌرين ۾ پراڻو جھيڙو ھلندڙ آھي ۽ اڄ وري ڌرين ھڪٻئي تي فائرنگ ڪري ڏني جنھن سبب ھڪ ڄڻو مارجي ويو آهي ۽ وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آھيون. هوڏانهن هڪ ڄڻي جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن ۽ وڌيڪ خونريزي جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.