اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو باني عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر يوٽرن وٺي رهيو آهي ۽ هو اڄ ڳالهين جي آڇ ڪري رهيو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاءُ الله تارڙ چيو ته هو ڪڏهن ڳلو پڪڙي ٿو ته ڪڏهن پير پڪڙي ٿو. توهان 9 مئي تي حملا ڪريو ٿا، شهيدن جي يادگار جي بي حرمتي ڪريو ٿا، توهان قومي سلامتي جي ادارن ۽ ملڪي سلامتي لاءِ خطرو پيدا ڪريو ٿا، توهان ڪوڙو بيانيو ٺاهي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ٿا. هن چيو ته پي ٽي آءِ جي باني عمران خان ملڪي مفادن خلاف سياست ڪئي، سندس ڏوهن جي لسٽ ڊگهي آهي جيڪا ختم ٿيڻ واري ناهي، اوهان جي پارٽي جا ماڻهو چوندا رهيا ته پاڪستان پي ٽي آءِ جو باني ناهي. هن چيو ته عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر يو ٽرن وٺي رهيو آهي، هو اڄ ڳالهين جي آڇ ڪري رهيو آهي، پر قومي سلامتي تي ڪو به سمجهوتو نٿو ٿي سگهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا تي ادارن خلاف منظم مهم هلائي، سندن دور ۾ ملڪي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو ويو، هنن خيبرپختونخواهه ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا؟ توهان هن ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاء ڇا ڪيو؟ موجوده حڪومت ملڪ کي ڏيوالپڻي کان بچايو ۽ حڪومتي قدمن جي ڪري ملڪي معيشت بهتري جي رستي تي آهي. هن وڌيڪ چيو ته مريم نواز بشرا بي بي يا توهان جي چئن ڀينرن کي گرفتار نه ڪيو، توهان خوف ۾ ويل چيئر تان ڀڄي ويا، مريم نواز نه کنيو، توهان فاشسٽ ۽ ذاتي دشمني جو شڪار حڪمران رهيا، ن ليگ اڳواڻن کي سياسي ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو، پنهنجي ڏوهن ۽ ناڪام بغاوت جو الزام مريم نواز تي نه لڳايو.