بلوچستان سان بندوق نه پيار سان ڳالهايو

تحرير: علي گل ڇڇر

سن 2006 ۾ پهرين دفعو جڏھن هن جي پوڙھي پيءُ کي لاپتا ڪيو ويو ان وقت هو پنجين درجي پرائمري ۾ پڙھندي هئي ۽ ڪوئٽا پريس ڪلب اڳيان سندس والد جي لاپتا ٿيڻ واري مسئلي خلاف احتجاج ۾ ھن پهريون دفعو تقرير ڪئي هئي ۽ لڙڪ لاڙيندي هن رياست کان  پنهجي پيءُ کي آزاد ڪرڻ جو معصوم مطالبو ڪيو هو ۽ پوءِ ٻيهر 2009 ۾ سندس والد کي لاپتا ڪيو ويو ۽ 2011 ۾ سندس چچريل لاش مليو، پيءُ جي شھادت کانپوءُ هن جي ماءُ  پنجن ڌيئرن ۽ هڪ پٽ سان گڏجي ڪراچي شفٽ ٿي وئي، جتي هن پنهجي ٻارن جي تعليم جاري رکي، ڊگهي عرصي کانپوءُ هن هڪ ڀيرو ٻيهر بلوچستان جي ڌرتي تي تڏھن قدم رکيو جڏھن سندس داخلا بولان ميڊيڪل ڪاليج ۾ ٿي، هو هڪ روايتي پڙھاڪو ڇوڪري هئي جيڪا نقاب پائي ڪاليج ۾ ايندي هئي، ھن پنهجي چهري تان تڏھن نقاب لاهي ڦٽو ڪيو جڏھن سندس ڀاءُ کي 2016 ۾ لاپتا ڪيو ويو، هن پنهجي ساٿين سان گڏجي پنهجي ڀاءُ جي آزاديءَ لاءَ  احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، پهريون دفعو ھن ڪوئٽا ۾ شاگردن جي احتجاج جي اڳواڻي ڪئي ۽ ان دوران سڀني جي توجهھ جو مرڪز بنجي وئي،

بلوچستان ۾ انساني حقن لاءَ جاکوڙيندڙ ماھ رنگ بلوچ پهريون دفعو آن لائن ڪلاسز شروع ٿيڻ خلاف شاگرد جدوجهد جي اڳواڻي دوران گرفتار ٿي، پوليس موبائيل ۾ گرفتار ٿيڻ کانپوءُ به پنهجي مطالبن جي حق ۾ نعريبازي ڪندي رهي سندس ان جرئتمنداڻي عمل ۽ موقف سبب کيس تمام گهڻي شھريت ملي، ماھ رنگ بلوچ جو تعلق بلوچستان جي ضلعي قلات سان آھي، ماھ رنگ جو والد عبدالغفار واپڊا ۾ ملازم هو ۽ قومپرست سوچ رکندڙ کاٻي ڌر جي سياست سان لاڳاپيل نظرياتي ڪارڪن هو،

ھوءَ نيشنل ۽ انٽرنيشنل ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز تڏھن بني جڏھن بلوچستان جي لاپتا ماڻھن جو ڪيس کڻي پاڪستان جي گادي واري هنڌ اسلام آباد پهتي ته اسلام آباد پريس ڪلب اڳيان قائم ڪيل سندس ڪئمپ اکاڙي وئي ۽ رات جي وقت رستن تي ستل بلوچ نياڻين مٿان تشدد ۽ پاڻي جي ڪينن جو استعمال ڪيو ويو  اسلام آباد وارو احتجاج ختم ڪري جڏھن ماھ رنگ بلوچ ڪوئٽا پهتي هئي ته سندس پرجوش استقبال ڪيو ويو هو جنهن ۾ ھزارين مرد عورتون شامل هيون، تجزيه نگارن ان جلسي بابت پنهجي راءِ ۾ چيو ھو ته اهڙو جلسو بلوچستان جي ڪا به سياسي پارٽي هن وقت تائين پنهجي سر نه ڪري سگهي آھي، ڊاڪٽر ماھ رنگ ڪوئٽا واري جلسي کي جذباتي انداز ۾ خطاب ڪندي نه صرف حڪومت بلوچستان پر بلوچ قومپرست رهنمائن کي پڻ سخت تنقيد جو نشانو بنايو هو ۽ چيو ھئائين ته قومپرست صرف بلوچستان جي نالي تي سياست چماڪين ٿا، بلوچستان جي مسئلن لاپتا ماڻھن، قدرتي وسيلن ۽ حقن تي ڳالهائڻ جو ڍونگ رچائي  رات جي اونداهي ۾ حڪمرانن سان گڏ ويهي پنهجي قوم خلاف سازشون ڪن ٿا،

ڪوئٽا واري جلسي ۾ شريڪ هزارين ماڻھن کي هن اهو پيغام پڻ ڏنو هو ته عورتن کي برابري جا حق ڏيو ۽ کين تعليم ڏياريو جيئن دنيا کي اسين اهو پيغام ڏيون ته عورتون ۽ مرد برابر آھن جيئين  تهذيب يافته قومن ۾ هوندو آھي،

بلوچستان ۾ لاپتا ماڻھن جي مسئلي تي آواز اٿاريندڙ تنظيم "بلوچ يڪجهتي ڪميٽي” جي سربراھ ڊاڪٽر ماھ رنگ بلوچ گذريل 28 جولاءِ  تي گوادر ۾ "بلوچ راجي مچي” جي نالي سان نه صرف تمام  وڏو جلسو ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي پر پنهجو ڪيس دنيا سامهون وزنائتي نموني رکڻ ۾ پڻ ڪنهن حد تائين ڪامياب وئي آھي گوادر جلسي ۾ شرڪت ڪندڙن مٿان جڏھن گوليون هلايون ويون ته ڪارتوس جي خالي کول ۾ گل رکي فوٽو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيو ويو ان جو مطلب بلوچستان طرفان امن جو پيغام آھي. بلوچستان ۾ بيروني مداخلت کانپوءِ بلوچن جو ڪيس جتي خراب ٿيو آھي اتي ماھ رنگ نه صرف بلوچستان جو ڪيس پرامن ۽ سياسي طريقي سان رکي حڪمرانن کي حيران ڪيو آھي پر هڪ ڊگهي عرصي کان جمود جو شڪار ٿيل بلوچستان جي سياست ۾ نوان رنگ پڻ ڀريا آھن، بلوچستان جون حالتون ڊگهي عرصي کان خراب آھن، ناراض بلوچ پهاڙن تي آھن ۽ پارلياماني سياست ڪندڙ قومپرست اڳواڻ هاڻي پارلياماني سياست مان مڪمل مايوسي جو اظھار ڪري رهيا آھن ان ڳنڀير صورتحال ۾ بلوچستان ۾ هڪ پڙھي لکي عورت جو ائين اڳيان اچڻ ۽ کيس ماڻھن پاران مليل موٽ کي ڏسي حڪمرانن کي ان سان گڏ ويهڻ ۽ ڳالهائڻ کپي، پرامن مزاحمت ۽ سياسي هلچل ھن وقت بلوچستان جي اهم ضرورت آهي،

بلوچستان جا ماڻھو هاڻي سردارن جي سياست مان بيزار آھن، پهريون دفعو هڪ مڊل ڪلاس عورت اڳواڻ جي شڪل ۾ کين هڪ روشن خيال سياسي اڳواڻ جو ملي وئي آھي جنهن تي بلوچن اکيون پوري اعتماد ڪيو آھي جيئن رٺل بلوچن ماھ رنگ تي اعتماد ڪيو آھي ائين ئي حڪمرانن کي به ماھ رنگ تي اعتماد ڪرڻ کپي ۽ ان سان ڳالهائڻ کپي، پنهجن سان ڳالهائڻ ۾ ڪو حرج نه هئڻ گهرجي ۽ هن وقت ماھ رنگ سان ڳالهائڻ جو مطلب رٺل، ڏکويل بلوچستان سان ڳالهائڻ ھوندو، بلوچن سان بندوق سان نه ڳالهايو هنن سان پيار ۽ پنهجائپ مان ڳالهايو ۽ ساڻن سياسي ڊائلاگ ڪريو..

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.