حُڪومتن وٽ گڊگورنينس جو آدرش ڇو ناهي؟

اها ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته حڪومتن کي اهو بڌائڻو ٿو پوي ته حڪومت ڪيئن ڪجي، عوام دوست پاليسيون ڪيئن جوڙجن، مهانگائي ڪيئن گهٽائجي، گڊگورنينس ڪيئن قائم ڪجي، سڀني پارلياماني جماعتن سان ڪيئن هلجي، جمهوريت جي بقا لاءِ ڇا ڪجهه ڪجي وغيره وغيره. ائين اسان هنن ئي ايڊيوٽوريلز ۾ هر سال حڪومت کي ياد ڏياريندا آهيون ته چئوماسي ۽ ٻوڏن جي سيزن ۾ اڳواٽ حفاظتي بندوبست ڪيو. پر اهو سڀ ياد ڏيارڻ باوجود هر سال حڪومت چئوماسي جي موسم توڙي ٻوڏن جي سيزن ۾ تڏهن اک پٽيندي آهي جڏهن پاڻي مٿن کان وهڻ لڳندو آهي يعني عين ٽائيم تي ايمرجنسي نما ڪندي آهي. ان کي ئي ته بيڊ گورننس چئبو آهي.

اها به ڪيڏي نه عجيب ڳالهه آهي ته پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) اهڙيون حڪمران جماعتون رهيون آهن جن کي ڪافي ڀيرا حڪومتون ڪرڻ جو وسيو تجربو به آهي پر اهو تجربو سندن حڪومتي ڪارڪردگي مان نظر نه ٿو اچي شايد ان ڪري به جو انهن حڪمران جماعتن جو گڊ گورننس قائم ڪرڻ جو نه ارادو آهي نه ئي ڪو آدرش!. جڏهن ته اسان اهو به لکندا رهيا آهيون ته جنهن به ماڻهوءَ، اداري، جماعت يا تنظيم کي ڪو ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي ته اهو دراصل کين تاريخ طرفان موقعو ملندو آهي. ڪن کي ته ملندو ئي ناهي. سو اهي خوش نصيب هوندا آحن جن کي ڪجهه ڪم ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي.

موجوده وفاقي ۽ سڀ صوبائي حڪومتون به ان لحاظ کان خوش نصيب آهن جن کي يادگار حڪومت ڪري ڏيکارڻ جو سونهري موقعو مليو آهي. پ پ ۽ مسلم ليگ (ن) کي حڪومتن سان گڏ ايترا ڀيرا پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر طور ڪم ڪرڻ جو به وسيع تجربو آهي سو جيڪڏهن موجوده مسلم ليگ (ن) ۽ پ پ جون حڪومتون اهم ڪم ڪن جيڪو اپوزيشن ۾ رهندي ٻين حڪومتن کي چونديون آهن يا پنهنجي حڪومتن جون پاڻ اپوزيشن پارٽيون ٿي احتساب ڪن ته تڏهن به سٺي حڪومت  قائم ٿي سگهي ٿي.

سو گڊ گورننس ڪئين قائم ڪجي ان تي ڳالهائڻ کان اڳ ان سوال جي بهرحال گنجائش موجود آهي ته حڪومت جي گڊ گورننس ڏيکارڻ جي نيت به آهي يا نه. بظاهر ته موجوده حڪومتن اندر اهڙي نيت نظر نه ٿي اچي. اها صورتحال هر لحاظ کان ڳڻتي جوڳي آهي پر جيڪڏهن اهو طئي آهي ته اقتداري جماعتن جو گڊ گورننس جو بلڪل به ارادو ناهي ته پوءِ اهي اقتدار ۾ اچڻ جا جتن ڇو ٿيون ڪن، پنهنجو ۽ عوام جو وقت ڇو ذيان ڪن ٿيون. پوءِ ته اهو ڀلو ٿيندو جيڪڏهن اهي ٻين سنجيده ماڻهن ۽ جماعتن کي اڳتي اچڻ جو موقعو ڏين.

هاڻي اسان کي ٻڌائڻو آهي ته گڊگورننس ڇا کي چئبو آهي. عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ، آئين، قانون ۽ انصاف جي بالادستي قائم ڪرڻ، عوام جي نبض تي هٿ رکي فيصلا ڪرڻ، ترقي ۽ خوشحالي جا منصوبا آڻڻ، پارليامينٽ ۽ مخالف ڌر کي گڏ کڻي هلڻ، حالتن پٽاندڙ حڪمت عمليون جوڙڻ، امن امان قائم ڪرڻ، عوام کي برابري جي بنيادن تي تعليم، صحت ۽ جيئڻ جا بنيادي حق ڏيڻ، آفتن کي  منهن ڏيڻ جا اڳواٽ انتظام ڪرڻ وغيره وغيره،

ٻيو ته اسان جي حڪمرانن کي ٻاهرين ملڪن جي دورن جا به عام جام موقعا ملندا رهندا آهن، انهن دورن ۾ کين ٻاهرين حڪومتن جي ڪارڪردگي به ڏسڻ گهرجي ۽ نه رڳو ڏسڻ گهرجي پر سکڻ به گهرجي ته ڪيئن حڪومت ڪبي آهي ۽ حڪومتن جو معيار ڇا آهي. ڇا ٻاهرين حڪومتن جي ڪارڪردگي مان به اسان جا حڪمران ڪجهه ناهن سکندا يا سکڻ ئي ناهن چاهيندا. جڏهن ته ٻئي پاسي وري اسان اهو مشاهدو  ۽ تجربو ماڻيو آهي ته اسان جون حڪومتون خراب ترين تجربن مان گذرڻ کانپوءِ به انهن مان سبق ناهن سکنديون اڃان به خراب تلخ تجربن کي پئي ورجائينديون آهن.۽ خراب کان خراب حڪومت ڪرڻ جو مقابلو ڪنديون آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو عوام ڪنهن به حڪومت جي ڪارڪردگي مان خوش ناهي هوندو.

پر مجال آهي جو حڪمرانن جي صحت تي ان جو ڪو اثر پوي شايد ان ڪري جو انهن اقتداري جماعتن جي طاقت جو سر چشمو هائي عوام نه پر اسٽيبليشمنٽ آهي. پر کين اهو سمجهڻ گهرجي ته دنيا کي ڏيکارڻ لاءِ عوام جي ووٽ جي به ضرورت هوندي آهي. جيڪڏهن عوام اوهان مان بيزار هوندو ته پوءِ اسٽيبلشمنٽ به اوهان جو ساٿ نه ڏئي سگهندي. سو عوام سان رابطي ۾ رهڻ، عوامي ڪچهريون لڳائڻ بيحد ضروري آهن.

اسان سمجهون ٿا ته ماضي جي تلخ تجربن کان پوءِ اڄ جي حڪمرانن کي گڊ گورننس ڏانهن اچڻو پوندو ۽ ان کي پنهنجي طاقت بڻائڻو پوندو ٻي صورت ۾ نه اهي عوام وٽ قبوليت جوڳيون هونديون نه ئي اسٽيبلشمنٽ وٽ. سو موجوده موقعي مان فائدو وٺڻ جي وڌ مان وڌ ڪوشش ڪجي ۽ عوام کي ئي طاقت جو سرچشمو بڻائي ان آڏو جوابدار رهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.