اوهان ضرور محسوس ڪيو هوندو ته جڏهن کان ن ليگ سربراهه وطن واپس وريو آهي يا فيبروري جون عام چونڊون ٿيون آهن تڏهن کان وٺي ميان محمد نواز شريف پنهنجا چپ بند ڪيو ويٺو آهي نٿو چوري سواءِ مري جي فضائن ۾ ويهي اجلاس ڪرڻ جي۔اهي قياس آرائيون زور آهن ته ن ليگ سربراهه ملڪ ۾ وڌندڙ سياسيڪ محاذ آرائي ۽ ن ليگ جي ڪمزور مينڊنٽ کان سخت مايوس ٿي ڪري هڪ ڀيرو وري لنڊن واپس ورڻ چاهي ٿو ڇو جو اڪثر سندس ويجها ساٿي به ساٿ ڇڏي خاقان شاهد عباسي جي متبادل سياسي جماعت عوام پارٽي پاڪستان يا ٻين ۾ شموليت اختيار ڪندا پيا وڃن جنهن سان به ن ليگ ۽ جي قيادت کي لوڏو پهتو آهي۔
ملڪ ۾ سياسي محاذ آرائي خاص ڪري ويجهڙائي ۾ تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي ڌرڻي ۽ انجي هڪ قائد پاران سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جناب قاضي فائز عيسي جي سر جي قيمت لڳائڻ کيس مارڻ وارو بيان ڪنهن ڳڻتي کان گهٽ ناهي اها ٻي ڳالهه آهي ته حڪومت انجو سخت نوٽيس وٺندي سر جي قيمت لڳائيندڙ ٽ ايل پي جي ان قائد خلاف دهشتگردي هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔اهو بيان ملڪ ۾ انتهاپسندي ۽ پرتشدد سياست طرف هڪ قدم آهي جنهن جي حوصله افزائي نه ٿيڻ گهرجي هن کان اڳ به اهڙي قسم جا بيان ايندا رهيا آهن جن جي سياسي ۽ جمهوري حلقن مذمت به ڪئي هئي پر هن ڀيري تحريڪ لبيڪ جي ڪنهن قائد پاران ڏنل اهڙي بيان تي سياسي حلقن جي خاموشي عجيب لڳي ٿي۔اهڙي طرح جماعت اسلامي جي لڳل ڌرڻي بعد ٽيون ڏينهن گوادر ۾ لکين بلوچن جو گڏ ٿيڻ ۽ جلسي کي ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ پاران خطاب ڪرڻ وڏي ڳالهه آهي ۽ ايئن محسوس ٿيو ته بلوچستان ۾ سردارن واري سياست ختم ٿيندي ڏسڻ ۾ پئي اچي ۽ اتي به هاڻ سجاڳي اچي چڪي آهي ۽ اتي ڪو عوامي انقلاب يقيني نظر پيو اچي جنهن جي قيادت ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ حوالي ٿي چڪي آهي۔
ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي ريلي کي روڪڻ جي ڀرپور ڪوشش ٿي۔افسوسناڪ خبرون اهي به آهن ته ڪجهه مظاهرين سيڪورٽي ادارن جي ماڻهن تي حملا ڪيا آهن جنهن ڪري هڪ اڌ جوان شهيد ڪافي زخمي ٿيا آهن۔تشدد واري سياست ڪا سٺي ڳالهه ناهي جنهن جي حوصله شڪني ٿيڻ گهرجي۔اهڙا وقعا مذمت لائق آهن۔جيڪڏهن بلوچ سردارن خلاف ڪا تحريڪ هلي ٿي ته ان سان خونريزي جا به امڪان آهن بهتر ايئن ٿيندو ته بلوچستان جي ماڻهن جا مسئلا ۽ مطالبا پرامن نموني حل ڪيا وڃن۔گوادر ريلي ۽ ڌرڻو ساڳي وقت سنڌ جي ماڻهن لاءِ به هڪ قسم جو پيغام آهي جو هتان جو پرامن ماڻهو به جاگيردارن سردارن ۽ وڏيرن جي سخت عتاب آهي جتي ويجهڙائي ۾ سون جي انگ ۾ عام ماڻهو صحافي قتل ڪيا ويا آهن سندن ملڪيتن تي قبضو آهي ۽ پنهنجا اباڻا وٿاڻ ڇڏي مهاجرن جيان رهن ٿا۔سنڌ ۾ به ڪا تحريڪ هلي ۽ امن امان جو ڪو مسئلو پئدا ٿئي حڪومت ترت قدم کڻي عوام جي جان مال ملڪيتن جو تحفظ يقيني بڻا ئي۔پي ٽي آء به 5 آگسٽ کان پوري ملڪ ۾ حڪومت مخالف ڌرڻن جو سڏ ڏنو آهي جنهن به حڪومت کي خوفزده ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪڏهن حڪومت مخالف ڌرڻن جو سلسلو جاري رهيو ۽ اهي ڊي چوڪ تائين پهچن ٿا ته وڏي ويڙهاند ممڪن آهي جو حڪومت خاموش نه ويهندي ۽ حساس علائقي ۾ ڌرڻا ڪنهن به صورت ۾ هڻڻ جي اجازت نه ڏيندي نه وري لڳڻ به گهرجن جنهن سان امن امان جو ڪو مسئلو پئدا ٿي سگهي۔ماضي ۾ ڊي چوڪ تي لڳل ڌرڻن سبب شرپسندن پي ٽي وي هيڊ ڪوارٽر سميت پسگردائي جي عمارتن ۾ اندر گهڙي ڀڃ ڊاهه ڪري چڪا آهن۔حڪومت ۽ ادارا ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهن۔
اسلام آباد ۾ آئي ڏينهن قياس آرايون اٿن ٿيون ته ملڪ ۾ ايمرجنسي يا مارشل لا جو نفاذ ٿي سگهي ٿو پر اهي حالتون ناهن نه وري حڪومت ادارن ۽ عدليه وچ ۾ ڪنهن به قسم جي هم آهنگي آهي ۽ نه وري ٽئي ادارا هڪ پئج تي آهن۔اڳوڻي جنرل محمد ايوب خان يحي خان ۽ ضياء الحق وارو وقت ناهي جڏهن عدالتن مارشلائن ۽ هنگامي حالتن جي توثيق ڪئي هئي ۽ پي سي او تحت قسم کنيا هئا۔جنرل مشرف جي دور ۾ به مارشل ۽ ايمرجنسي لڳي پر ڪجهه ججن پي سي او تحت قسم ته کنيا هئا پر مشرف جي قدمن جي گهڻو ڪري توثيق نه ڪئي هئي ۽ اعلان ٿيڻ کان اڳ ججن چيف جسٽس افتخار چوڌري جي سربراهي ۾ هنگامي حالتن کي رد ڪري ڇڏيو هو جنهن تي چيف جسٽس کي هٽايو ويو هو پر بعد ۾ عوامي ۽ سياسي ڌرين جي طاقت سبب کيس بحال به ڪيو ويو هو ۔هن وقت ججن جي گهڻائي امڪاني مارشل لا يا هنگامي حالتن جي نفاذ خلاف آهن عدالتون وقت اچڻ تي کلي سگهن ٿيون ۽ غير آئيني قدمن خلاف ڪو فيصلو ڏئي سگهن ٿيون جو اڪثريت ادارن سان گڏ ناهي۔
ن ليگ سربراه جو ذڪر پئي هليو ته سندس چپ ۽ زبان بند ڇو آهي جو هو هن وقت تائين ڪنهن به وڏي عوامي اجتماع کي خطاب ڪري ناهي سگهيو جنهن جو وڏو سبب کيس ڪمزور مينڊينٽ ملڻ ساٿين جو اعتماد ختم ٿيڻ ۽ وزارت عظمي نه ملڻ جنهن آسري تي هو وريو هو۔کيس ادارن ۽ عدليه جي پٺڀرائي جي اميد هئي جيڪا هاڻ کائنس پري ٿيندي ڏسڻ ۾ پئي اچيس جو عدليه جي ججن جي اڪثريت ادارا هن وقت نيوٽرل ڏسڻ ۾ پيا اچن۔اهڙي طرح حڪومت جون هنگامي حالتن جي نفاذ ۽ پي ٽي آء تي پابندي وارين ڀڀڪين اسلام آباد کي پنهنجي زد ۾ آڻي ڇڏيو پر اهي بي اثر رهجي ويون جو حڪومت کي اتحادين وٽان مثبت موٽ نه ملي۔اهي به سبب آهن جو ميان محمد نواز شريف جي فائدي ۾ سياسي صورتحال وڃي ناهي سگهي هو هاڻ ملڪ ڇڏڻ جو ارادو رکي ٿو۔
وري جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪومت خود به هن وقت بيوس ٿي چڪي آهي جو هڪ طرف مهانگائي جو طوفان ايترو ته پکڙجي چڪو آهي جيڪو ختم ٿيڻ جو نالو به نٿو وٺي ۽ مٿان ايندڙ نومبر ۾ سياسي ڌرين جي سخت مخالفت جو سبب بڻجندڙ ۽ حڪومت جو سهارو بڻيل چيف جسٽس سپريم ڪورٽ جناب قاضي فائز عيسي به مدت پوري ڪرڻ وارو آهي جنهن کانپوءِ اهي امڪان آهن ته پي ٽي آء پنهنجو ڪيس عدالت ۾ آڻي ۽ اڪثريت ماڻي ۽ ڪا سياسي تبديلي اچي حڪومت ان کي به نظر رکيو پئي اچي ۽ سخت پريشان آهي ۽ اهو به ممڪن آهي ته حڪومت ڪو آئيني قدم کڻي ۽ نئون وزير اعظم آڻي اهو ڪهڙي پارٽي جو ٿي سگهي ٿو اهي قياس آرائيون به آهن بهرحال شهباز شريف مستعفي ٿيڻ لاءِ سنجيده آهي ۽ فيصلو ڪري به چڪو آهي پر مري جي پرفضا اشارن جو انتظار پيو ڪري۔اهو به ممڪن آهي ۽ حالتون به ٻڌائين ٿيون ته اسيمبليون ٽٽن نيون چونڊون ٿيون جن لاءِ سموريون پارٽيون ۽ ڌريون به هڪ ذهن ٺاهي ويٺيون آهن۔جيڪڏهن چونڊن ۾ ڪجهه به دير ٿي ۽ حڪومت اينگهجي ٿي ته ن ليگ ۽ پ پ پ جو ووٽ وڌيڪ گهٽبو ۽ کين ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پوندا جو پي ٽي آءِ حساب پراڻو نه ڪندي ۽ سندن خلاف بي رحم احتساب ڪرائيندي جنهن کان به ميان صاحب ڊنل آهي۔