مانجهي اهڙا مرڻا ناهن، ويس مٽائي ورڻا آھن

تحرير: ڊاڪٽر دليپ ننداڻي

اڄ  ٿر جي ھن عظيم ايماندار بھادر  اڳواڻ ۽ ڀٽو خاندان سان لازوال عشق  ڪندڙ کي سارڻ جو ڏينهن آھي  جنھن جا ساٿي   اسماعيل اڍيجو  ۽ فقير لاشاري  ھوندا ھئا  جنھن سياست جي سفر ۾ دولت ميڙڻ جي بدران  عوامي خدمت سان  لوڪ جون دليون ۽ دعائون جيتيون ۽ ھميشه جي لاءِ امر ٿي ويو.  جنھن جي آخري سفر  تي شھر  ۾ ماتم ھو سوڳ هئي قهرام هو هر اک آلي هئي . سڄي سنڌ مان ڪا رڪن لڏو مٺي پهتو هو ۽ امر جڳديش جو درشن ڪيو. دشمن ۽ دوست سڀئي انهي سوڳ ۾ شامل.هئا. مٺي جي ماڻھن سندس تصوير کي پنهنجي دڪان جي دکلن تي ٻين ديوتائن سان ڱڏ لڳائي اڱربتي شروع ڪئي ۽ ڱهرن ۾ سندس تصوير تي آرتيون ٿيڻ لڳيون. اڄ به اهو عشق سلامت آھي.

ٿر جي سياسي تاريخ ۾ امر جڳديش ڪمار ملاڻي سر فھرست  رهيو آهي، ٿر جي تاريخ جي اکين کان اهي نه وسريا آهن.جن ڏينهن ۾ جڳديش ڪمار ملاڻي  پنهنجي دوست فقير شير محمد بلالاڻي سان گڏجي ڀٽن ڀر جهوپڙن ۾ پ پ پ جو  جهنڊو  جهولائي عوامي سياست کي اڀار ڏني هئي.  ٿر جا مارو جڳديش کي پيار مان  جڳلو چوندا هئا.جڳديش ملاڻي پنهنجي مزاج ۾ زنده دل ۽ پنهنجي شخصت جي جوھر ۾ بنهھ سادگي پسند رھندڙ  شخص ھو  پر پنھنجي فڪر پنھنجي عوام ۽ پارٽي سان ھو ـ ھن پنھنجي سچائي ۽ صلاحتن سان ٿوري عرصي ۾  پپلز پارٽي ۾ پنهنجو ھڪ  الڳ مقام ٺاھي ورتو ۽ ھن پپلز پارٽي جي پليٽ فارم تان جڏهن باقائده    سياست شروع  ڪئي تڏهن ھو سگھارو ليڊر ٿي اڀري آيو ۽ ٿوري عرصي ۾ ھن سياسي طور تي پنهنجو پاڻ ملھايو .

آمر  ضياءَ جي دور ۾ ٿر ۾ پيپلز پارٽي جون سرگرميون محدود رهيون. 1986ع ۾ محترمه بينطير ڀٽو جڏهن جلا وطني ختم ڪري ڏيهه واپس آئي ته انهي دور ۾ ٿر ۾ پيپلز پارٽي باقاعده سرگرم نظر آئي، انهي وقت ٿر مان فقير شير محمد بلالاڻي کي اولڊ ٿرپارڪر ضلعي ڪاميٽيءَ جو ميمبر مقرر ڪيو ويو هو. جڏهن ته 1986ع ۾ جڳديش ڪمار ملاڻي کي مٺي سٽي جو صدر مقرر ڪيو ويو هو. 1986ع ۾ تعلقي مٺي جو صدر مير محمد اڍيجو تعلقي ننگرپارڪر جو صدر غلام حسين، تعلقي ڇاڇري جو صدر غلام حسين گجو ۽ تعلقي ڏيپلي جو صدر ڪامريڊ غلام محمد نهڙيو کي چونڊيو ويو. اهڙي ريت 1986ع کانپوءِ ٿر ۾ پيپلز پارٽي سرگرم ٿيندي نظر آئي ٿي انهي دور ۾ ٿر مان مڊل ڪلاس جا ٻه  نوجوان جگديش ڪمار ملاڻي ۽ فقير شير محمد بلالاڻي پيپلز پارٽي کي منظم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. ٿر جي مڊل ڪلاس سان تعلق رکندڙ انھن نوجوانن جڏهن سياست ۾ پير پاتو ته انهي دور ۾ ٿر ۾روايتي، وڏيرڪي سياست ۽ جاگيرداراڻه نظام جو دور عروج تي ھيو ۽ انهن وڏيرڪي سياست خلاف  پنهنجو آواز بلند ڪيو. اهڙي ريت انهن ٻن نوجوانن پيپلز پارٽي جي مرڪزي قيادت وٽ پنهنجو قدر پاڻ ڪرايو. جگديش ملاڻي ۽ فقير شير بلالاڻي جي بهادري ۽ پارٽي سان وفاداري کي ڏسندي 1988ع ۾ پيپلز پارٽي ٿر واري تڪ تان فقير شير محمد بلالاڻي کي ٽڪيٽ ڏني هئي. جنهن تحت ايم پي اي سيٽ لاءِ هُن ارباب فيض محمد سان مقابلو ڪيو هو پر هو هارائي ويو. جڏهن ته پ پ مرڪز طرفان جگديش ڪمار ملاڻي کي اقليتن جي سيٽ لاءِ ايم پي اي طور بيهاريو ويو.

اهڙي ريت 1988ع ۾ جگديش ڪمار ملاڻي پ پ جي ٽڪيٽ تي اقليتن جي ڌار چونڊ نظريي تحت ايم پي اي چونڊجي ويو. انهيءَ وقت ٿر ۾ جهموري سياست جو هڪ نئون دور شروع ٿيو. انهي دور ۾ جگديش ڪمار ملاڻي هڪ عوامي ليڊر طور پاڻ مڃرايو. هڪ ايم پي اي هوندي هُن کي ڪنهن به پروٽوڪول جي ضرورت نه هوندي هئي. ھو ٿر جو يگانو سياسي ڪردار ھو ۽هر ماڻهو سان پيار ۽ پنهنچائپ سان ملڻ هُن جو آدرش هوندو هو. 1988ع ۾ جگديش ڪمار ملاڻي ٿر جي ڪيترن ئي بيروزگار نوجوانن کي نوڪريون پڻ ڏنيون هيون. 1990ع واري اليڪشن ۾ جڳديش ڪمار ملاڻي ايم اين اي جي سيٽ تي بيٺو  پر هارائي ويو هو.ڄام صادق جي دور ۾ جڏهن ڪيترائي سياسي اڳواڻ پنهنجون وفادريون بدلائي ڄام صادق سان گڏجي ويا ته انهي وقت ٿر مان جگديش ڪمار ملاڻي ۽ فقير شير محمد بلالاڻي پ پ جا واحد سياسي اڳواڻ هئا، جيڪي پيپلز پارٽي سان ثابت قدم ٿي بيٺا هئا. انهن ٻنهي اڳواڻن ڄام صادق جي دور ۾ جيل جون سختون سٺيون پر پنهنجي پارٽي سان غداري ڪونه ڪئي. اهو ئي سبب هو جو شهيد راڻي بينظير ڀٽو، انهن ٻنهي اڳواڻن جي تمام گھڻي عزت ڪندي هئي. جڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو صاحبه جگديش کي پنهنجن پٽن وانگر ڀائيندي هئي. جگديش پنهنجي سياسي ڪيريئر ۾ جگديش پنهنجي ڪيريئر ۾ جتي جيل ڪاٽيا، سختيون سٺيون، اتي هن عوام جي دلين تي راڄ ڪيو. پيپلز پارٽي جي جيالي ۽ شهيد ڀٽي جي سچي سپاهي هئڻ جي ناتي هن جي ڀٽي خاندان وٽ تمام گھڻي  وجھڙائپ هوندي هئس. مٺي جي ملاڻي هائوس ۾ بيگم نصرت ڀٽو صاحبه سان گڏ جگديش ملاڻي جي لڳل تصوير انهي ڳالهه جي شاهدي پڻ ڏئي ٿي ته هن جي بيگم نصرت ڀٽو صاحبه وٽ ڪيتري عزت هوندي هئي. شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پڻ جگديش ملاڻي جي تمام گھڻي عزت ڪندي هئي،  شهيد راڻي محترم بينظير ڀٽو رکشا ٻنڌڻ جي تهوار جي موقعي تي پنهنجي ڀاءُ جگديش ملاڻي کي راکي ٻڌي هئي. ڄام صادق جي دور ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو پهريون ڀيرو هڪ عام جلسي کي خطاب ڪرڻ لاءِ ٿر (مٺي) آئي هئي. ٿر جي ڪنڊڪڙڇ کان ڪيترائي ماڻهو پيپلز پارٽي جي انهي جلسي ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ مٺي پهتا هئا. ھن جلسي جي ڪارروائي مرحوم اسماعيل اڍيجي هلائي هئي. ٿر مان هزارين ماڻهن شرڪت ڪري انهي جلسي کي تاريخي بڻايو هو. انهي تاريخي جلسي ۾ ٿر جي عورتن پڻ شرڪت ڪئي هئي. جلسي کان ڪجهه ڏينهن اڳ ڄام صادق جي حڪم تي فقير شير محمد بلالاڻي ۽ جگديش ڪمار ملاڻي کي گرفتار ڪر سي آءِ اي سينٽر حيدرآباد موڪليو ويو هو. جگديش ۽ فقير شير محمد کي جلسي کان ڪجهه ڏينهن اڳ انهي ڪري گرفتار ڪيو ويو هو ته جيئن محترمه بينظير ڀٽو جو جلسو ناڪام بڻجي پر ٿر جي هزارين ماڻهن انهي جلسي ۾ شرڪت ڪري محترمه جي جلسي کي تاريخي بڻايو هو..ٿر ۾ پيپلز پارٽي جو هڪ نئون موڙ تڏهن سامهون اچي ٿو، جڏهن 1993ع ۾لانگ مارچ دوران جگديش ڪمار ملاڻي شهادت ماڻي ٿو. 17 جولاءِ 1993ع تي پيپلز پارٽي جي سڏ تي جگديش پنهنجي ساٿين اسماعيل اڍيجو ۽ فقير شير محمد لاشاري سان گڏجي لانگ مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ اسلام آباد وڃي رهيو هو ته سندس روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ سندس ٻه ساٿي اسماعيل اڍيجو ۽ فقير محمد لاشاري انهي وقت تي شهيد ٿي ويا هئا. جگديش سخت زخمي ٿي ويو ۽ بعد ۾ 31 جولاءِ 1993ع تي جگديش پنهنجي مالڪ حقيقت سان ملي وير گتي جو جام پيتو. جگديش ملاڻي جي ويرگتي جي  خبر جڏهن سڄي سنڌ ۾ پهتي ته سڄي سنڌ ۾ سوڳ وارو عالم ڇانئجي ويو. ٿر جي ماڻهن جگديش جي موت جي درد جي ڪيفيت کي شدت سان محسوس ڪيوھو،

ٻار ٻڍا سڀ جوان رُنا

رُنو تو لاءِ آسمان،

تو هي ڇا ڪيو ڀڳوان؟

پهرين آگسٽ 1993ع تي جڏهن جگديش جي ارٿي کي اگني سنسڪار لاءِ پنهنجي اباڻي قبرستان ڏانهن نيو پئي ويو ته هر اک آلي هئي.   درد ڳوڙھا بڻجي ڳڙيو ھو ـ

ملاڻي خاندان جڳديش جد ٻاريل شمع کي ڪڏھن جھڪو ٿيڻ  نه ڏنو آھي.امر جڳديش کان پوءِ امر موتيرام ملاڻي  سياست جي سفر جي واڳ سنڀالي، امر  موتيرام سان زندگي وفا نه ڪئي. پر ھن ٿوري وقت ۾  وڏي عوامي خدمت  ڪئي ـ امر موتيرام جي ھن فاني دنيا کي الوداع ڪري ويو. موتيرام کان پوءِ ڊاڪٽر مهيش ڪمار جي ڪلهن تي بار پيو. هن بهادر انسان پنهنجي ڀائرن جي وڇوڙن جو غم ميڙي  پ پ جي پليٽ فارم تان عوامي سياست جي لاءِ سندرو ٻڌي نڪتو، سالن جي سفر ۾  چيٽ جي چانڊوڪي ۽ ولهار جي هير بڻجي مارو ماڻهن جي لاءِ پاڻ ملهائي رهيو آهي.

امر جڳديش ڪمار جي تربيت ۾ سندس وڏي ڀاء سائين راڻي مل ملاڻي جو اھم ڪردار رھيو آھي سائين راڻي مل امر جڳديش جي اوچتي وڇوڙي کان پوءِ امر موتيرام جي به  حوصلا افزائي ڪئي ـ  سياست جي ميدان ۾   ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي جي سرگرم ٿيڻ ۾ سائين راڻي ملاڻي جي رھنمائي جي وڏي وٿ ھجڻ سان امر جڳديش ملاڻي جي قربانين جو وڏو ڪردار آھي ـ ملاڻي خاندان جا نوجوان  ڊاڪٽر منوج ملاڻي ـ راجيش ملاڻي ـ  ونود ملاڻي ـ سشيل ملاڻي سنيل ملاڻي ـ درشن ملاڻي ۽ ٻيا   امر جڳديش ۽ امر موتيرام ملاڻي جيان ڀٽو ازم جي فڪر کي روح ۾ رچائي ڊاڪٽر مھيش ڪمار جي اڳواڻي ۾ پنھنجن محسنن جي نقش قدم  تي ھلي رھيا آھن شهيد راڻي سان سچائي ۾ هڪ رتي  برابر به ڪڏھن  ڪمي  نه  آهي. ن ڪڏھن ايندي ـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.