حڪومت پاران چيف جسٽس کي نشانو بڻائيندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )  حڪومت چيف جسٽس آف پاڪستان جي قتل جي فتويٰ خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.  اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزيرن احسن اقبال ۽ خواجا آصف چيو ته چيف جسٽس کي مارڻ جي فتويٰ ڏيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن کي به اهڙي قسم جي اجازت نه ڏني ويندي. وفاقي بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي سالن کان نشانو بڻايو پيو وڃي، رياست اهڙي اجازت نه ڏيندي ۽ پوري قوت سان ڪارروائي ڪندي.  خواجا آصف چيو ته پاڪستان ۾ مذهب جي نالي تي خونريزي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي،  سپريم ڪورٽ ان معاملي تي وضاحت واضح ڪري چڪي آهي، پر ان جي باوجود پروپيگنڊا جاري آهي، رياست کي به قتل ڪرڻ جي فتويٰ جاري ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندي. ان موقعي تي رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته چيف جسٽس جي قتل بابت ڳالهائڻ پاڪستان جي آئين ۽ دين سان بغاوت آهي ، هن چيو ته چيف جسٽس کي ملندڙ ڌمڪين جي مذمت ڪيون ٿا، ڌمڪيون ڏيندڙ شخص خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. احسن اقبال چيو ته عالمن کي گذارش آهي ته اڳتي وڌن ۽ عوام جي رهنمائي ڪن، غير آئيني ۽ غير اسلامي عملن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.