پشاور(م ڊ) تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل خان مروت چيو آهي ته جيڪڏهن هڪ ڀيرو پارٽي مان ڪڍيو ويو ته فواد چوڌري وانگر ٻيهر نه ايندس، پارٽي کي منهنجي ضرورت آهي، مون کي پارٽي جي ضرورت ناهي.پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شير افضل مروت چيو ته باني پي ٽي آءِ جي آزادي بابت تحريڪ مان مطمئن ناهيون، هن چيو ته جن اسان کي ماريو، چار ديواريءَ جو تقدس پامال ڪيو اهي سڀ سُٺين سيٽن تي ويٺا آهن، جڏهن چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي ساڳيا هوندا ته علي امين ڪيئن بااختيار رهندو پوءِ به علي امين وڏي وزير جي حيثيت سان سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري آهي.