گوادر معاملي تي نيشنل پارٽي ميمبرن جو اسيمبلي اجلاس مان واڪ آئوٽ

ڪوئٽا (پ ر) نيشنل پارٽي جي ميمبرن گوادر معاملي تي صوبائي اسيمبلي جي اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪيو. گوادر ۾ پرامن احتجاجي جلسي خلاف ڪريڪ ڊائون ۽ مير اشرف حسين جي گرفتاري خلاف واڪ آئوٽ کان اڳ پنهنجي خطاب ۾ پوائنٽ آف آرڊر تي خير جان بلوچ ۽ ڪلثوم نياز بلوچ گوادر ۾ پرامن احتجاجي ميڙاڪي تي فورسز طرفان طاقت جي استعمال، شيلنگ، تشدد ۽ نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ مير اشرف حسين جي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ۽ سندس پٽن جي گرفتاري جي مذمت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.