ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) ڪيٽي بندر واسڻ سائره سمون قتل ڪيس وارو معاملي ۾ گهربل اسٽيل ٽائون پوليس ڪرولا گينگ جا 5 اهم جوابدار گرفتار ڪري ورتا آهن، ڊي آءِ جي ايسٽ غلام اظفر مهيسر ۽ ايس ايس پي ملير ڪاشف آفتاب عباسي هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڪراچي جي عوام جي جان ۽ مال لاءِ خطرو بڻيل اڇي ڪرولا گينگ جا 5 گهربل اهم جوابدار اسٽيل ٽائون پوليس گرفتار ڪري ورتا آهن، جيڪي ڌاڙي، ڦر، قتل جهڙن سنگين ڪيسن ۾ گهربل هئا. پوليس دعويٰ ڪئي ته جوابدارن وٽان جديد هٿيار ۽ چوري ٿيل گاڏيون مليون آهن، گرفتار جوابدارن ۾ عزير ولد واحد بخش جلباڻي، آفتاب علي ڇڄڙو ولد آندل خان، غلام قادر ولد محمد مراد ٻوسڻ، نادر ولد صاحب خان ۽ خادم حسين ولد الله ورايو شامل آھن، جيڪي سنڌ جي مختلف ضلعن سان تعلق رکن ٿا، پوليس جو چوڻ آهي ته اڇي ڪرولا گروهه جا ٻيا ڏوھاري روپوش آھن، جن ۾ ساجد چانڊيو عرف چيف، ساجد جتوئي ولد راجن، صدام شر ولد رستم شر، ديدار جاگيراڻي، عمران عرف گدڙ ڪلمتي، حبدار چانڊيو، محبوب چانڊيو بينڪ انفارمر ۽ قاري بينڪ انفارمر آھي، جن جي گرفتاري لاءِ ڪاروايون ڪيون وينديون.