نيب وارن کي ضمير فروش چوڻ تي نيب پراسيڪيوٽر عمران خان تي ڪاوڙجي پيو

راولپنڊي (م ڊ) راولپنڊي جي خاص احتساب عدالت ۾ پي ٽي آءِ باني ۽ سندس زال بشريٰ بي بي جي نئين توشاخانا ريفرنس ۾  جسماني ريمانڊ ۾ وڌيڪ 10 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيل سلمان صفدر جسماني ريمانڊ جي مخالفت ۾ دليل ڏنا، نيب پراسيڪيوٽر جنرل سردار مظفر عباسي عدالت ۾ پيش ٿيو. ڊپٽي ڊائريڪٽر محسن هارون به عدالت ۾ پيش ٿيو، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي عدالت جي ڪمري ۾ پيش ڪيو ويو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ باني چيو ته نيب وارا ضمير فروش آهن، انهن کي پيسا ڏئي جيڪو وڻي چورايو. ضمير فروش چوڻ تي پراسيڪيوٽر جنرل نيب تپي باهه ٿي ويو ۽ پي ٽي آءِ باني کي چيائين ته پرسنل نه ٿيو، ڪيس تي ڳالهايو، اڄ تائين مان اوهان جي ذات تي ناهي ڳالهايو. ، وقفي کانپوءِ ٻڌڻي جي شروعات تي پي ٽي آءِ باني سردار مظفر عباسي کان معذرت ڪئي ۽ سردار مظفر عباسي پي ٽي آءِ باني جي معذرت قبول ڪري ورتي.  نئين توشاخانا ريفرنس جي ٻڌڻي 8 آگسٽ تائين  ملتوي ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.