شهيد نصرالله گڏاڻي جنهن کي طاقتور سردارن محض ان لاءِ وڏي بي رحمي سان قتل ڪري ڇڏيو هو، جو هُو انهن جو فرمانبردار ٿي رهڻ نٿي چاهيو،نصرالله گڏاڻي انهن طاقتور سردارن سان به بنا ڪنهن خوف کائڻ جي اکيون اکين سان ملائي ڳالهائڻ جي جرئت ڪئي، جن کان عام ماڻهو ته ڊڄندا ئي آهن پر کانئن پوليس جا اعليٰ عملدار به لهرائين ٿا، جيڪي وڏيرن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي فرض کان هٽي ڪري غير قانوني ڪم ڪندا رهن ٿا ۽ وڏيرن جي چرچ تي غريب ۽ بي پهچ ماڻهن کي ڪاٺ ۾ وجهندا رهيا، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو پنهنجي زندگين کان محروم ٿي ويا ته ڪي عمر ڀر لاءِ اپاهج بڻجي ويا. نصرالله گڏاڻي جو تعلق اهڙي شهر سان هو جيڪو مڪمل طور تي سردارن جي اثر هيٺ رهيو آهي، جتي ڌاڙن، ڦرن، اغوا ۽ قتل جون وارداتون به وڏيرن جي اشارن تي ٿين ٿيون ته پوليس سميت سرڪاري ادارن ۾ حڪم به وڏيرن جو ئي هلي ٿو. اهي سردار پنهنجي سرداري سلطنت قائم رکڻ لاءِ نه رڳو ڌاڙيل پالي سنڌ ۾ بدامني ڪرائڻ ۾ ملوث آهن پر اهي قبيلائي جهيڙن ۾ ڪيئي بي گناهه ماڻهو پڻ مارائي ڇڏين ٿا.
حڪومت توڙي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اها ذميواري آهي ته اهي قانون جي بالادستي قائم ڪري عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ يقيني بڻائن پر هتي ته ايامن کان گنگا ئي ابتي وهي رهي آهي، جنهن سبب سنڌ ۾ قانون جي بدران وڏيرن ۽ سردارن جي بالادستي قائم ٿيل نظر اچي ٿي، جيڪي جيڪڏهن ڪنهن کي قتل ڪري ڇڏين ٿا ته پوليس کان ويندي حڪومت تائين کين بچائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، ۽ مقتول جي لاش کي لوڙهڻ لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳايو وڃي ٿو. جيڪا صورتحال تمام گهڻي ڳڻتي جوڳي آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا به جڏهن غير قانوني ڪم ڪندا ته پوءِ قانون جي بالادستي ڪيئن قائم ٿيندي؟ ان طريقيڪار سان ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون نافذ ٿي ويندو، جيڪو گهڻي قدر لاڳو ٿي چڪو آهي، ان لاءِ هتي ماڻهو گهرن ۾ به محفوظ ناهن رهيا ۽ قاتل قانون جي گرفت کان آجا آزاد گهمي ڦري رهيا آهن.
جنهن سماج ۾ لاقانونيت هوندي آهي، اتي انصاف پڻ اڻ لڀ ۽ مهانگو ٿي ويندو آهي، هتي جيڪڏهن مظلوم ماڻهن جي انصاف حاصل ڪرڻ واري آس گهڻي قدر اڌوري رهجي ويندي آهي. ڇاڪاڻ هتي انصاف حاصل ڪرڻ جهڙوڪ آسمان کي ڇهڻ جي مترادف آهي.
زيب النساءِ ۽ حاڪم زادي جيڪي مائي جندو جون ڌيئرون هيون جن جا گهرڀاتي ڪوڙي الزام ۾ ماريا ويا هئا، سندن بااثر قاتل تڏهن گرفتار ٿيا هئا ۽ کين سزا ملي هئي جڏهن انهن پاڻ مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني هئي. امه رباب گذريل ڪيتري ئي وقت کان ڪورٽن جا چڪر کاٽي رهي آهي، ۽ شهيد جاويد کوسو جا قاتل اڃان تائين گرفتار ٿي ناهن سگهيا، ڇاڪاڻ ته سندن قتل ۾ ملوث جوابدار سياسي اثر رسوخ رکندڙ آهن.
شهيد نصرالله گڏاڻي جي پيرسن امڙ مائي پٺاڻي پنهنجي بي گناهه شهيد ٿيل پٽ جي خون سان انصاف جي لاءِ سراپا احتجاج بڻيل آهي، پر سندس دانهن ورنائڻ وارو ڪير به ناهي. مائي پٺاڻي جيڪا انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ۽ مقامي وڏيرن جي دادگيري جي دانهن کڻي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ ان اميد ۽ خيال سان آئي هئي ته اتي سنڌ جو وڏو وزير، معززر جج صاحبان توڙي پوليس جا اعليٰ عملدار سندس ڪا داد رسي ڪندا پر ڪراچي ۾ پهريان ته کيس پوليس اٽالن جي ذريعي هراسان ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ سکڻا واعدا ڪري کيس واپس ڳوٺ روانو ڪيو ويو، جيڪي واعدا اڃان تائين پورا ٿي ناهن سگهيا. ڀلا هڪ قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ سنڌ پوليس توڙي حڪومت کي ڪهڙي مجبوري درپيش آهي؟ جڏهن ته اهو سڀ ڪجهه سندن فرض ۾ شامل آهي.
مائي پٺاڻي! جنهن پ پ کي جڙندي ۽ ان جي باني شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جو حڪومتي دور پنهنجي اکين سان ڏٺو، جنهن جي دور حڪومت ۾ ڪنهن سان اهڙو ناحق هرگز به نه ٿيندو هو ته ڪنهن تڪ جو چونڊيل نمائندو ڪنهن شخص کي معمولي ڳالهه تان ماري ڇڏي ۽ ان جي پارٽي سطح تي پٺڀرائي ڪئي وڃي. جڏهن امان پٺاڻي اها دانهن کڻي شهيدن جي مزار تي وڃي رهي هئي ته لاڙڪاڻي پوليس پاران رڪاوٽون وڌيون ويون، جنهن سبب ريلي نما قافلي ۾ شامل ماڻهن کي سخت گرمي ۾ ڪيئي ڪلو ميٽر پنڌ ڪرڻو پئجي ويو، جنهن سبب شهيد نصرالله گڏاڻي جي پيرسن امڙ مائي پٺاڻي سميت قافلي ۾ شامل ڪيترائي ماڻهو بيهوش ٿي ويا.
قاتل ڪير به هجي، ڪنهن به قسم جي همدردي جو حقدار ناهي هوندو، ڪنهن قاتل کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ نه رڳو اخلاقي گناهه آهي پر اهو قانوني ڏوهه پڻ آهي ۽ ان عمل سان اهو شخص اڻ سڌي طرح ان جرم ۾ شامل ٿي ويندو آهي. جيڪڏهن محض پارٽي تعلق سبب ڪنهن قاتل جي پٺڀرائي ڪري بي گناهه شهيد ڪيل ماڻهن جا لاش لوڙهڻ واري ڪوشش سان يقينن پارٽي پنهنجي عوامي حمايت وڃائي ويهندي. جڏهن ڪا به پارٽي عوامي حمايت کان محروم ٿي ويندي آهي ته اها پنهنجو ڪارج به وڃائي ويهندي آهي.
ان لاءِ اهو ضروري آهي ته انصاف لاءِ ٻاڏائيندڙ مائي پٺاڻي سان بنا ڪنهن دير جي انصاف ڪيو وڃي ته جيئن عوام ۾ قائم ٿيندڙ اهو تاثر پڻ ختم ٿي وڃي ته حڪمران پارٽي هاڻ عوام دوست پارٽي ناهي رهي، پر اها وڏيرن ۽ جاگيردارن جو ٽولو بڻجي وڃي آهي.ان کان اڳي جو شهيدن جي پارٽي مڪمل طور تي عوام جو اعتماد وڃائي ويهي، کيس عوام جو آواز ٻڌڻ گهرجي ۽ انهن سان ٿيندڙ ناانصافين جو ازالوڪرڻ گهرجي. ان سلسلي جي شروعات انصاف لاءِ ٻاڏائيندڙ مائي پٺاڻي جي داد رسي ڪري ڪئي وڃي ته وڌيڪ بهتر رهندو، ۽ حڪمران پارٽي تي عوام جو اعتماد پڻ بحال ٿيندو.