خانپورمهر (رپورٽ: ميهر مهر ) خانپورمهر لڳ لوهي واري علائقي م مهر برادري جي رموجا پاڙي جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي ڀيل تان جهيڙو ٿي پيو هٿياربندن لوهي ۾ هڪ هوٽل تي ويٺل نوجوان 30 ورهين جي = خاوند بخش مهر کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙي واقعي جو اطلاع ملڻ تي ٻئي ڌر جي هٿياربندن ڳوٺ اٺ دڙو ۾ حملو ڪري پيرسن مبارڪ مھر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ٻنهي ڌرين جي حملن دوران مقتول مبارڪ مھر جي گهرواري مائي هوا ۽ ڌي صفيه توڙي جو مقتول خاوند بخش مهر جا ويجها عزيز مريد ۽ محمد ڇٽل مهر سميت 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا واقعي جو ااطلاع ملڻ تي خانپورمهر پوليس ايمبولينس ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهتي جتان مارجي ويلن جا لاش توڙي زخمين کي خانپورمهر جي شيخ همدان بن محمد تعلقه اسپتال آندو ويو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا جڏهن ته زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن ٻن ڄڻن جي قتل ۽ 4 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي پوليس موجب ڌرين وچ م چوپائي مال جي فصل ۾ ڀيل تان جهيڙو ٿيو قتل ٿيل ٻن ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا ويا آهن ۽ زخمين کي سکر نيو ويو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن هوڏانهن واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي آهي ٻئي طرف ٻنهي مقتولن جا لاش گهر پهچڻ تي سندن گهرن ۾ ڪهرام متل آهي.