رعايتي قرض نه ملڻ پاڪستان سان ”نا انصافي“ آهي: پيٽريشيا

اسلام آباد(م ڊ) دولت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ چيو آهي ته جيتوڻيڪ پاڪستان گرين هائوس گئسون  خارج ڪرڻ ۾ پاڪستان جو  هٿ نه هئڻ جي برابر آهي.ان جي باوجود 2022 جي ٻوڏ ۾ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو. اهو ئي سبب آهي ته پاڪستاني شهري ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ موسمياتي تبديلي جي بحران يا واقعن ۾ مرڻ جا امڪان 15 ڀيرا وڌيڪ آهن.پنهنجي پهرين سرڪاري دوري تي ڪالهه پاڪستان پهتي، پرڏيهي آفيس موجب پيٽريشيا اسڪاٽ لينڊ پنهنجي پنجن ڏينهن جي دوري دوران ملڪي قيادت، ڪابينا ميمبرن، نوجوان اڳواڻن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقاتون ڪندي.پاڪستان روانگي کان اڳ لنڊن ۾ هڪ انٽرويو ۾ پيٽريشيا چيو ته پاڪستان وچولي آمدني وارو ملڪ آهي، ان ڪري ان کي اوورسيز ڊولپمينٽ امداد مان تمام گهٽ ملندو آهي ۽ رعايتي شرحن تي قرض نه ڏنا ويندا آهن، جيڪا ”نا انصافي“ آهي.هن چيو ته پاڪستان ۾ جي ڊي پي جو 70 سيڪڙو قرض آهي، جيڪو تمام گهڻو آهي ۽ اسان سڀني کي دولت مشترڪه جي حيثيت سان ان کي تبديل ڪرڻو پوندو.

  1. هيپاٽائيٽس سي جا ڪيس وڌي 98 لک تي پهچي ويا

ڪراچي (رپورٽر) صحت کاتي بابت ڪوآرڊينيٽر ڊاڪٽر مختار جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۾ هيپاٽائيٽس سي جا ڪيس  وڌي 98 لک تي پهچي ويا آهن، پنهنجي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ڊاڪٽر مختار چيو ته هيپاٽائيٽس جي خاتمي لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وفاق ۽ چئني صوبن جي سهڪار سان 68 ارب رپين جو پروگرام شروع ڪيو پيو وڃي.سڄي ملڪ ۾ 12 سالن کان وڏي ڄمار وارن ماڻهن جي اسڪريننگ ڪئي ويندي.ماڻهن کي اسڪريننگ ۽ علاج جون سهولتون مفت فراهم ڪيون وينديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.