ڪوئيٽا ( م ڊ ) پيپلزپارٽي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني ڳالهين لاءِ تيار آهي ته پ پ ڪردار ادا ڪندي ، جيڪڏهن پي ٽي آءِ جو باني عمران خان ڳالهين لاءِ تيار آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي، مسئلا وڙهڻ سان نه پر ڳالهين سان ئي حل ٿيندا آهن. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته محمود خان اچڪزئي شايد ضياءُ الحق جا 90 ڏينهن وساري ڇڏيا آهن، 3 مهينن تائين قومي حڪومت نه هوندي ته پوءِ قومي حڪومت ئي هوندي، اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته اسيمبليون هلن ۽ پارليامينٽ پنهنجو مدو پورو ڪندي.هن چيو ته جن 9 مئي جو واقعو ڪيو آهي انهن کي معافي وٺڻ گهرجي جيڪڏهن عمران خان چوي ٿو ته هو 9 مئي ۾ ملوث ناهي ته مذمت ڪري،ِ خورشيد شاهه چيو ته صدر آصف علي زرداري هميشه ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته پيپلز پارٽي پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.