پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ڪراچي ۾ڌرڻو، شهيد گڏاڻي جا قاتل پڪڙڻ جو به مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) سنگرار مان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، احتجاج ۾ 2 مهينا اڳ گم ٿي ويل 9 سالن جي سويرا چانڊيو جي امڙ روزينا به شريڪ ٿي پنهنجي معصوم نياڻي جي ڳولا ۾ مدد لاءِ احتجاج ڪيو، مظاهري ۾ شريڪ ماڻهن هٿن ۾ معصوم پريا ڪماري جون تصويرون کڻي سندس بازيابي لاءِ سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ  لياقت جلباڻي، يونس مهر، آفاق ڀٽي، سهڻي پارس، مهيش ڪمار ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته 3 سال اڳ سکر جي سنگرار واري علائقي مان معصوم نياڻي پريا ڪماري کي محرم الحرام جي مهيني ۾ اغوا ڪيو ويو جيڪا هن وقت تائين بازياب نه ٿي سگهي آهي، هنن چيو ته سنڌ اندر معصوم ٻار اغوا ٿي رهيا آهن پر حڪومت خاموش آهي، ڪراچي مان 2 مهينا اڳ نياڻي سويرا گم ٿي وئي جيڪا هن مهل تائين نه ملي سگهي آهي سندس امڙ پيرين پنڌ احتجاج ڪري رهي پر پوليس ڪجهه به نه ڪري رهي آهي، هنن چيو ته ميرپور ماٿيلو جي عوامي آواز جي رپورٽر شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جا مک قاتل پوليس هن مهل تائين گرفتار نه ڪري سگهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته صحافي جان محمد مهر جا قاتل به پوليس گرفتار نه ڪري سگهي آهي، سنڌ اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي پر سنڌ حڪومت امن ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته جلد کان جلد معصوم پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي، شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ ملوث مک قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ سنڌ اندر جيڪي به اغوا ٿي ويل آهن انهن کي بازياب ڪرائي سندن وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.