مهانگي بجلي ۽ واڌو بلن خلاف ڪي اليڪٽرڪ آفيس ٻاهران احتجاج

ڪراچي(رپورٽر) مهانگي بجلي ۽ اوور بلنگ خلاف ڪراچي ۾ عوامي پاڪستان پارٽي پاران ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ آفيس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.مظاهري کي خطاب ڪندي اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ڪي اليڪٽرڪ خلاف درخواست داخل ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو ته جيڪڏهنپاڪستانين کي مفت بجلي نه ملندي ته پوءِ ڪنهن کي به مفت بجلي نه ملڻ گهرجي.هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ وارا اوور بلنگ بند ڪن، نيپرا اگهه مقرر ڪري ٿي پر هر هفتي کان پوءِ بجلي جي اگهن ۾ واڌ ڪئي ويندي آهي.هن چيو ته 2015 کان اڄ تائين بجلي جا اگهه 350 سيڪڙو وڌي ويا آهن، حڪومت جعلي خرچن ۾ 24 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو آهي، سينيٽ، قومي اسيمبلي، صدر هائوس ۽ وزيراعظم هائوس جا خرچ به وڌي ويا آهن.مفت بجلي بند ڪرڻ جي خبر تي پارليامينٽ جا ميمبر حيران ٿي ويا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.