اسلام آباد (م ڊ) پاور ڊويزن پارليامينٽ ميمبرن ۽ بيوروڪريٽس کي مفت بجلي ڏيڻ بابت خبرن کي رد ڪري ڇڏيو. پنهنجي وضاحت ۾ پاور ڊويزن چيو ته ميمبرن ۽ بيوروڪريٽس کي مفت بجلي نه پئي ڏني وڃي. ميڊيا ۾ ايم پي ايز ۽ بيوروڪريٽس کي مفت بجلي فراهم ڪرڻ واري ڳالهه ۾ ڪا به صداقت ناهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن سرڪاري اداري کي به مفت بجلي نه پئي ڏني وڃي.