آءِ پي پيز سان معاهدا ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ڪنداسين:حڪومت

اسلام آباد(م ڊ) توانائي واري وزير اويس لغاري چيو آهي ته پاڪستان ۾ توانائي شعبي ۾  وڏا مسئلا آهن، چين سان ان سلسلي ۾ ڳالهيون ٿيون آهن، بجلي اگهه ۾ 5 رپيا لاٿ ٿي سگهي ٿي، هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته توانائي شعبي لاءِ ڪمرشل وياج اگهه تي ساڍا 8 ارب ڊالر جا قرض ورتا ويا آهن،ان کان علاوه ٻيا به قرض آهن،هن چيو ته هن وقت چار ڪول پاور پراجيڪٽ آهن انهن کي مقامي ڪوئلي تي منتقل ڪري رهيا آهيون جنهن سان بجلي في يونٽ لاڳت 24 رپين مان گهٽجي ساڍا 7 رپيا يونٽ ٿي ويندي،هن چيو ته آءِ پي پيز سان معاهدا ڪنهن به صورت ۾ تبديل نه ڪنداسين ڇو ته اهي سي پيڪ معاهدن وانگر اهم آهن، ڪيپسٽي پيمنٽ پلانٽ لاءِ قرض جي وياج جي ادائيگي ٿيندي آهي، رپئي جو ملهه ڪرڻ سبب پاور سيڪٽر کي ڌچڪو لڳو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.