راولپنڊي (م ڊ) مهانگي بجلي منصوبن، قومي ملڪيتون خانگائڻ سميت مهانگائي خلاف جماعت اسلامي جو لياقت باغ وٽ ڌرڻو ٽئين ڏينهن جاري رهيو، حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته هي ڌرڻو عوام کي رليف ڏيڻ کان سواءِ واپس نه ٿيندو، هن ڪراچي ۽ لاهور سميت ٻين شهرن ۾ به ڌرڻن جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن حڪومت جماعت اسلامي جا ڪارڪن آزاد ڪري ڇڏيا آهن. جماعت اسلامي ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين جو پهريون دور مڪمل ٿي ويو ، حڪومت ۽ جماعت اسلامي جي وفد وچ ۾ ڪمشنر هائوس راولپنڊي ۾ ڳالهيون ٿيون. حڪومتي وفد جي قيادت سڌ سماءُ واري وزير عطا تارڙ ڪئي، جماعت اسلامي جي چار رڪني وفد نائب امير لياقت بلوچ جي سربراهي ۾ ڳالهين ۾ حصو ورتو.ڳالهين کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي لياقت بلوچ چيو ته احتجاجي ڌرڻي تي حڪومت پاڻ رابطو ڪيو، حڪومتي ڪميٽي ڌرڻي ۾ آئي هئي ۽ ڳالهين جي دعوت ڏني، جماعت اسلامي جي امير حڪومت جي ڳالهين جي آڇ قبول ڪئي . هن چيو ته ڳالهين جو پهريون دور سٺي ماحول ۾ ٿيو آهي، آءِ پي پيز ڪو بين القوامي معاهدو نه آهي، آءِ پي پيز جهڙو ناسور پوري قوم لاءِ موت جو اعلان آهي، سرمائيدارن جي مفاد لاءِ عوام کي قرباني جو ٻڪرو نه بڻجڻ ڏينداسين. لياقت بلوچ چيو ته حڪومت خاطري ڪرائيندي چيو ته آهي ته معاملي تي سڀاڻي کي ٽيڪنيڪل ٽيم جوڙي ويندي، اسان جي 35 ماڻهن جي نظربندي جا آرڊر جاري ڪيا ويا آهن، اسان حڪومت کي 35 ماڻهن جي لسٽ ڏني آهي، حڪومت سنجيدگي سان ڪم ڪندي ته پاڪستان جي عوام کي رليف ملندو. ٻئي پاسي حڪومت طرفان جماعت اسلامي جي سمورن گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته جن حالتن ۾ حڪومت ملي اِهو سولو ڪم نه هو، حڪومت جا خرچ گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ڌرڻي کي خطاب ڪندي امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته هاڻي ڪيپيسٽي پئمنيٽ جا معاوضا هلڻ نه ڏنا ويندا، هن ڌرڻي جو اعلان ڪيو آهي، هڙتال جو اعلان به ڪندا. واپاري به هڙتال ڪندا ۽ ڪارخانا به بند رهندا. ڊي چوڪ ۽ پارليامينٽ ڏانهن ويندڙ رستو به کليل آهي. حافظ نعيم الرحمان چيو ته 1994ع ۾ پيپلز پارٽيءَ شروع ڪئي ته مسلم ليگ (ن) ان اسڪيم کي انتها تي پهچايو آهي، 23 سيڪڙو انٽرنيشنل آءِ پي پيز آهن، حڪومتي ڪميٽي ائين ڳالهيون ڪري رهي آهي ڄڻ اهي معصوم آهن، ڄڻ انهن کي ڪا خبر ئي نه آهي. . هن چيو ته هي پاڪستان تي مسلط ڪيل اشرافيه ناهي پر بدمعاشيه آهي. پاڪستان کي جاگيردارن ۽ آمرن کان نجات ڏياري ويندي، جماعت اسلامي هڪ ڀيرو ٻيهر افق تي اڀري آهي. هن چيو ته حڪومت جي ٽيڪنيڪل ٽيم اسان کان هڪ ڏينهن جو وقت ورتو آهي، جيڪڏهن ضرورت پئي ته ڊي چوڪ ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن ٻن ڏينهن بعد ڪراچي ۾ اهڙي قسم جي ريلي ڪرڻي آهي ته 31 جولاءِ تي گورنر هائوس سنڌ ٻاهران ڌرڻي لاءِ تيار آهيون. جيڪڏهن مان لاهور کي چوان ته وزيراعليٰ يا گورنر هائوس آڏو جلسي لاءِ تيار آهن ته پشاور ۽ ڪوئيٽا ۾ به ڌرڻو هڻڻ لاءِ تيار آهن؟ اسان عوام لاءِ رليف وٺڻ آيا آهيون، نه هي ميدان ڇڏڻ لاءِ آهيون.