ملڪ جي وڏي جناح اسپتال ۾ جگر گردن سميت ٽيسٽ سهولتون بند

ڪراچي( ع آ نيوز) ڪراچي جي وڏي سرڪاري اسپتال جناح ۾ بنيادي ٽيسٽ جي سهولت بند ڪئي وئي آهي، جنهن سبب مريض سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. ذريعن موجب اسپتال ۾ ضروري ڪٽس نه ملڻ سبب مختلف بيماريون جون ٽيسٽون نه ٿي سگهيون آهن.ذريعن موجب اسپتال ۾ جگر ۽ گردن جي ٽيسٽن جي سهولت به بند ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب جناح اسپتال وڃڻ وارن مريضن کي به هاڻي اسپتال کان ٻاهر بنيادي ٽيسٽ ڪرائڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.