اسلام آباد (م ڊ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته توانائي بحران تي ضابطي لاءِ مستقل حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورتآهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته ملڪي معيشت جي بهتري لاءِ اپاءَ وٺي رهيا آهيون، پهرين جولاءِ کان انڊسٽري کي 68 ارب جا ريفنڊز ڏئي چڪا آهيون، اسان کي سڄي سيڙپڪاري برآمدي صنعتن ۾ ڪرڻي پوندي. هن چيو ته ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته هيٺئين طبقي تي ٽيڪسن جو بار نه وڌو وڃي. ناڻي واري وزير چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارن بابت وزيراعظم هر هفتي اجلاس ڪري رهيو آهي، زراعت کي ٽيڪس رجيم ۾ آڻڻ لاءِ اپاءَ ورتا ويندا. وڏا وزير زرعي ٽيڪس جي حوالي سان قانون سازي ڪندا، مائيڪرو استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف پروگرام آڻي رهيا آهيون، جيڪڏهن اسان مائيڪرو استحڪام نه آندو ته مسئلا ٿيندا. سينيٽر محمد اورنگزيب چيو ته ملڪ ۾ 49 لک ماڻهو نان فائلرز آهن جن جو پورو لائيف اسٽائل ڊيٽا اسان وٽ موجود آهي، سندن 3 ڪيٽيگريز ٺاهيون آهن، نان فائلرز کي سينٽرلائزڊ طريقي سان نوٽيس ويندا ۽ ٽيڪس آفيسر سڌي ريت نوٽيس نه موڪلي سگهندا جنهن سان ايف بي آر مان هراساني ختم ٿي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته توانائي بحران تي ضابطي لاءِ مستقل حڪمت عملي قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. شارٽ ٽرم عوامي فيصلن سان عوام کي ڏکيائيون مليون آهن، آءِ پي پيز جو اسٽرڪچرل حل ڪڍڻو پوندو، اسان کي بورڊز کي تبديل ڪرڻ ۾ 4 مهينا لڳي ويا جڏهن ته پيٽروليم شين جا اگهه عالمي منڊي سان واڳيل آهن. هن چيو ته چين جي دوري دوران پانڊا بونڊ تي ڳالهيون ٿيون، چين جي وزيرن آءِ ايم ايف سان اسان جي ڳالهين جي ساراهه ڪئي، اسان کي چين ۽ آمريڪا ٻنهي بلاڪس سان اڳتي وڌڻو آهي. چين اسان جو اسٽريٽجڪ پارٽنر آهي جنهن کي اسان قدر جي نظر سان ڏسون ٿا، جڏهن ته آمريڪا اسان جو وڏو واپاري پارٽنر آهي ۽ جي ايس پي پلس جي ڏس ۾ يورپ اسان لاءِ بيٺل رهيو آهي ۽ اسان ان ڀائيواري کي به قدر جي نظر سان ڏسون ٿا.