سانگهڙ (پ ر) عوامي تحريڪ جي اڳواڻن ايس آ3 ايف سي کي ون يونٽ جي نئين شڪل قرار ڏيندي ان اداري تحت ڪيل زمينن جي الاٽمينٽ کي رد ڪرڻ جي گهر ڪئي آهي. سانگهڙ ۾ عوامي تحريڪ جي اڳواڻن مرڪزي صدر لال جروار، جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيا، سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري نور چاڪرياڻي، غلام مصطفيٰ چانڊيي، حاجي خان سمي سميت ٻين گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته آءِ پي پيز کي بجلي جي پيداوار کان وڌيڪ ادائيگين واري ميگا ڪرپشن جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙي وڃي ۽ ڪمپني مالڪن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي. لال جروار چيو ته ايس آءِ ايف سي جو ادارو ٺاهي ارڙهين آئيني ترميم جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي، وفاق کي زمينون وڪرو ڪرڻ جو اختيار ناهي. الاٽمينٽ رد ڪئي وڃي. هن چيو ته پ پ لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪرائي اقتدار مضبوط ڪرڻ چاهي ٿي. عسڪري ادارن کي ڪمرشل مقصدن لاءِ زمينن جي الاٽمينٽ تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي.