گھوٽڪي ۾ پوليس پڪٽ تي راڪيٽ لانچرن سان حملو، 2 اهلڪار شهيد

گھوٽڪي/ ميرپورماٿيلو (رپورٽ: محمد يوسف منگي/ خالد وسير) آندل سندراڻي ٿاڻي پڪٽ 47 دم دمو تي ڌاڙيل جو حملو، ٻه پوليس اھلڪار شھيد، رپورٽ موجب آندل سندراڻي ٿاڻي جي پوليس پڪٽ نمبر  47 دم دمو سندراڻي تي ڌاڙيلن جي ٽولن جديد ھٿيارن سان حملو ڪري فائرنگ ۽ راڪيٽ لانچرن جا فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾  پوليس پڪٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ ٻه اهلڪار ظهير ٿهيم ۽ عبدالقادر مهر  شهيد ٿي ويا، واقعي جو اطلاع ملڻ تي مختلف ٿاڻن جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي شھيد اھلڪارن جا مڙههه پنھنجي تحويل ۾ وٺي تعلقا اسپتال آندا، جتان پوسٽ مارٽم بعد ايس ايس پي آفيس منتقل ڪيا ويا، جتي سندن جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي  ڊاڪٽر سمير نور چنا، رينجرس جي ڊي ايس آر محمد اقبال، ڊي ايس پي گھوٽڪي، ڊي ايس پي اوٻاڙو، ڊي ايس پي ميرپور ماٿيلو سميت شھرين، صحافين، سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان دوران گھوٽڪي پوليس جي دستن پاران شھيدن کي سلامي پيش ڪئي، انھي موقعي تي ايس ايس پي گھوٽڪي  ڊاڪٽر سمير چنا چيو صحافين سان ڳالھائيندي چيوته پوليس پڪٽ تي ڌاڙيل راحب شر جي گينگ حملو ڪيو 19 جون تي گھوٽڪي  پوليس راحب شر جي گينگ جي محب شر توڏو شر پوليس مقابلي ۾ ماريو ھو جنھن جي ڪري ھنن پوليس چوڪي تي حملو ڪيو. اسان کي ذريعن کان معلومات ملي آھي ته پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه ڌاڙيل به زخمي ٿيا آھن، اسان کي پنھنجي شھيد جوانن تي فخر آھي شھيد جي قتل جو ڌاڙيل کان حساب وٺبو، شھيد اسان جي دلين ۾ زندھ آھن. سندن شھادت کي سنھري اکرن ۾ لکيو ويندو، جنازي نماز کانپوءِ شھيد اهلڪارن جا مڙھ سندن اباڻي ڳوٺن ڏانهن روانا ڪيا ويا، جتي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.شھيد پوليس اھلڪار عبدالقادر مھر 2007 ۾ پوليس اھلڪار مقرر ٿيو جڏھن ته شھيد ظھير ٿھيم 2006 ۾ مقرر ٿيو هو.ياد رھي ت اڳ ۾ ڪيترا دفعا ڪچي واري علائقن ۾ قائم پڪٽن تي سھولتون نه ھجڻ سبب ڪيترا دفعا پوليس اھلڪارن سوشل تي به شڪايت ڪرڻ جا ويڊيو جاري ڪيا پر تنھن ھوندي پوليس پڪٽن تي پوليس اھلڪارن کي ڪا به سھولت مھيا نه ڪئي وئي آهي، پوليس اھلڪارن کي مليل اي پي سي مان ڪيترا دفعا گوليون پاس ڪيون ويون، پوليس اھلڪار شھيد ۽ زخمي ٿي چڪا آھن، جنهن ڪري ڪچي واري علائقي ۾ ڊيوٽي ڪندڙ اھلڪارن ۾ مايوسي ڇانيل آهي، ڪچي واري علائقي ۾ ھن وقت پوليس جي وڏي نفري ھجڻ جي باوجود پوليس ڪوبه  ڌاڙيل گرفتار نه ڪري سگھي آهي.ذريعن موجب پوليس روايتي طور ڪچي واري علائقي ۾ لٿل آهي، ڪچي ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.