ڪراچي (رپورٽر) نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن، هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن ۽ الٽرنيٽ پاران هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرپرسن اسد اقبال بٽ جي غير قانوني نظربندي خلاف ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاج ۾ پورهيتن ۽ انساني حقن جي نمائندن شرڪت ڪئي ۽ پوليس جي غير جمهوري ۽ غير آئيني عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي مطالبو ڪيو ويو ته واقعي ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري گلبرگ ٿاڻي جي ايس ايڇ او کي فوري طور برطرف ڪيو وڃي ۽ ٻن ڏينهن کان گم ٿيل ڪامريڊ رحمان بلوچ جي بازيابي جو مطالبو ڪيو وڃي.مظاهري کي خطاب ڪندي هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن جي جنرل سيڪريٽري زهرا خان چيو ته رياستي ادارا انساني حقن جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن جيڪا آئين ۽ انساني حقن جي خلاف ورزي آهي. پاڪستان فشر فورڪ فورم جي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ چيو ته هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان جي چيئرمين اسد اقبال بٽ کي نظربند ڪرڻ آئين جي ڀڃڪڙي آهي، اهڙي عمل سان عوام ۾ وڌيڪ ڪاوڙ پيدا ٿي سگهي ٿي.نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن سنڌ جي صدر گل رحمان چيو ته پورهيت ۽ انساني حقن جا نمائندا اهڙن ظالمانه قدمن خلاف آواز اٿاريندا رهندا ۽ انصاف پسند سماج لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.الٽرنيٽ جي آرگنائيزر عاقب حسين جو چوڻ هو ته رياست جي اهڙي عمل سبب نوجوانن ۾ سخت ڪاوڙ آهي ۽ انساني حقن واري ڪميشن جي سربراهه جي گرفتاري تي سڄي ملڪ مان ترقي پسند تنظيمن جي نوجوانن سخت ردعمل ڏنو آهي.