9 مئي واقعا، ڪي پي حڪومت وڏو قدم کڻي ورتو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) خيبرپختونخوا حڪومت طرفان نوَ مئي جي واقعن جي جڊيشل انڪوائري لاءِ پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم کي خط لکيو ويو آهي.
ڪي پي جي ڪابينا صوبائي سطح تي 9 مئي سانحي واقعن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي منظوري ڏني هئي، جنهن کان پوءِ خيبرپختونخوا حڪومت پشاور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اشتياق ابراهيم کي باضابطا طور خط لکي ڇڏيو.
قاانون واري صوبائي وزير آفتاب عالم طرفان خط لکڻ جي تصديق، صوبائي وزير آفتاب عالم موجب خط ۾ چيف جسٽس کان شفاف جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي.
جڊيشل ڪميشن هاءِ ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جڙندو، جنهن بعد ٽي او آرز کي فائنل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.