ڪراچي ۾ بگٽي برادري ۾ جهيڙي جي جاچ لاءِ 7 رڪني ڪاميٽي قائم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ بگٽي برادري ۾ جهيڙي ۽ رتوڇاڻ واري واقعي جي جاچ لاءِ 7 رڪني ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي.
واقعي ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا هئا ۽ 2 زخمي ٿيا هئا. ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا ايس پي انويسٽيگيشن سائوٿ عبدالرحيم شيرازي جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٺاهي.
ٽيم ميمبرن ۾ ايس ايس پي سائوٿ، ايس پي ڪلفٽن عزير احمد، ڊي ايس پي انويسٽيگيشن، ايس ايڇ او درخشان، ايس آءِ او ۽ جاچ آفيسر شامل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.