بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي شهر بئنگلورو ۾ دوست جي زال جي ڪئنسر جي علاج لاءِ موٽر سائيڪلون چوري ڪندڙ همراهه پوليس جي هٿ چڙهي ويو .
پرڏيهي ميڊيا موجب، بئنگلورو پوليس هڪ 30 سالا شخص جي گرفتاري جو اعلان ڪيو جيڪو مبينا طور ڇاتيءَ جي ڪئنسر سان جهيڙيندڙ پنهنجي دوست جي گهرواري جي مدد لاءِ موٽرسائيڪلن جي چوريءَ ۾ ملوث هو.
پوليس موجب، اشڪوڪ نالي جوابدار پنهنجي زال کان عليحدگي بعد پنهنجي دوست جي گهر رهندو هو، بئنگلورو جي گري نگر پوليس سندس ساٿي ستيش عرف سٿيا کي به گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ سندن قبضي مان 10.71 لک رپيا ماليت جون اٺ موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن.
پوليس موجب، جڏهن اشوڪ کي اِها خبر پئي ته سندس دوست جي گهرواري ڪئنسر ۾ مبتلا آهي ۽ هو سندس علاج نٿو ڪرائي سگهي ته هن شروع ۾ کوڙ ماڻهن کان قرض وٺڻ جي ڪوشش ڪئي پر علاج لا ءِپئسن جو بندوبست نه ٿي سگهيو. نيٺ هن ستيش سان گڏجي گهر جي ٻاهران بيٺل موٽرسائيڪلون چورائڻ شروع ڪيون، ان کانپوءِ هڪ سافٽ ويئر انجنيئير گري نگر پوليس اسٽيشن ۾ بائيڪ چوري جي شڪايت داخل ڪرائي.
پوليس موجب، سي سي ٽي وي فوٽيج جو جائزو وٺڻ کانپوءِ اشوڪ جي ملوث هئڻ جو پتو پيو جنهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار چورايل موٽرسائيڪلون ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اصل قيمت کان گهٽ قيمت تي وڪرو ڪندو هو.
ڪئنسر سان جهيڙيندڙ دوست جي زال جي علاج لاءِ موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ همراهه پڪڙجي پيو
You might also like