راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) ٽانڪ ۾ سڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 4 دهشتگرد مارجي ويا.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي سڪيورٽي فورسز ٽانڪ ۾ آپريش ڪيو، آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي تهمارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد هٿ ڪيو ويو، دهشتگرد سڪيورٽي فورسز تي حملن ۽ عام شهرين جي اغوا ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي ۾ ڪنهن به دهشتگرد جي موجودگيءَ جي خدشي سبب ڪليئرنس آپريشن ڪيو ويو، پاڪ فوج ملڪ مان دهشتگرديءَ جو ناسور ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.
You might also like