شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي پروفيسر مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو

خيرپور(رپورٽ :مختيار ڦلپوٽو)شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بزنس شعبي جي پروفيسر صوفي محمد صالح ميمڻ يونيورسٽي جي هاسٽل اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي بزنس شعبي جي پروفيسر صوفي محمد صالح ميمڻ يونيورسٽي جي ٽيچرس هاسٽل ۾ پنهنجي ڪمري اندر پاڻ مٿان پسٽل جو فائر ڪري پنهنجي زندگي جو انت آندو جڏھن ته فائر جو آواز ٻُڌڻ تي ساٿي پروفيسرن تي محمد صالح ميمڻ کي سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو.ساٿي پروفيسرن جو چوڻ هو ته هو ڪجهه وقت کان پريشان رهندو، پڇڻ باوجود چپ رهندو هو،ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پروفيسر  صالح ميمڻ گهريلو مسئلن سبب به اڪثر پريشان رهندو هو جنهن تان هن پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪيو آهي. پوليس مطابق ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي ۽ واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون جئين ڪا وجهھ سامهون ايندي ته وڌيڪ ڪارروائي ڪنداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.