حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، مرڪزي اڳواڻ حسين سومرو ۽ ديال صحرائي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي حصي پتيء جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙن، سنڌو درياءُ مان نوان ڪينال ڪڍي سنڌ کي رڻ پٽ ۽ بيابان ۾ تبديل ڪرڻ، زمينن تي قبضن، ڌاڙيل راڄ ۽ فراڊي ڊجيٽل آدمشماري خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ سانگهڙ ۾ ڪانفرنس منعقد ڪئي ويندي. جنهن کي سنڌ جا اديب، دانشور، ليکڪ، شاعر، هاري ۽ مزدور اڳواڻ خطاب ڪندا. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته ڊجيٽل آدمشماري وسيلي سنڌين، بلوچن ۽ سرائڪين سان ڊجيٽل دھشتگردي ڪئي وئي آھي. عوام ان ڊجيٽل آدمشماري کي اڳ ئي رد ڪري ڇڏيو آھي. ڊجيٽل آدمشماري تاريخي فراڊ آهي. آدمشماري جا جعلي ۽ فراڊي نتيجا ملڪي سالميت لاءِ خطرناڪ آهن.