صوبيا شاهه تي تشدد ڪندڙ پيءُ مصطفيٰ شاهه گرفتار

حيدرآباد/ نوابشاهه/ نوشھروفيروز (نمائندن وٽان) نوشهري فيروز ۾ غير انساني تشدد دوران ناري صوبيا شاهه جون ڄنگهون ڪٽڻ واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ايس ايڇ سٽي نوشھرو فيروز اسدالنبي عوامي آواز ميڊيا گروپ کي ٻڌايو آهي ته ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪيس ۾ گهربل ناري جي پيءُ غلام مصطفيٰ کي گرفتار ڪيو آھي، باقي جوابدارن جي ڳولا پڻ ڪري رھيا آھيون اسان مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا آھن پر وڌيڪ جوابدار ھٿ نه اچي سگهيا آهن، ايس ايڇ او جو وڌيڪ چوڻ هو ته نوابشاھه  اسپتال ۾ صوبيا شاھه جي تحفظ لاءِ پوليس جا جوان مقرر ڪري ڇڏيا آھن. هوڏانهن واقعي تي ردعمل ڏيندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون چيو آهي ته صوبيا بتول جو واقعو دھشت ۽ درندگي جو واقعو آھي، جنھن جي جيتري به مذمت ڪجي گھٽ آھي. سنڌ کي عورتن ۽ نياڻين لاءِ مقتل گاهھ بڻايو ويو آھي. زينت سمون مطالبو ڪيو ته سنڌ حڪومت صوبيا بتول جو سرڪاري خرچ تي سٺي اسپتال مان علاج ڪرائي ۽ صوبيا کي روزگار سميت گهر فراهم ڪيو وڃي. ٻئي طرف سنڌياڻي تحريڪ جي نائب صدر زاھده ڏاھري نوابشاھه اسپتال پھچي سيد صوبيا بتول شاھه جي عيادت ڪئي ۽ کيس انصاف لاءِ ڀرپور مدد کي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.