هالاڻي ۽ ڀرپاسي بدامني، نوجوان گوليون هڻي قتل

ھالاڻي (رپورٽ: اعجاز خاصخيلي)ھالاڻي ٿاڻي جي حد خانواهڻ ھالاڻي لنڪ روڊ ڳوٺ قبول آباد وٽ نامعلوم ھٿياربندن ھالاڻي شھر  جي رھواسي نوجوان سعيد احمد هاليپوٽو کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا آهن، ان سلسلي ۾ وارثن جو چوڻ آهي ته شھر توڙي ڀرپاسي جي علائقن ۾ بدامني تمام گهڻي وڌي وئي آھي عام ماڻھن جو مال ۽ عزت محفوظ نه رھيا آھن ھاڻي ته زندگيون به کسجي رھيون آھن، اھا صورتحال انتظاميا جي نااهلي کي واضع ڪري ٿي، ھنن ايس ايس پي نوشهروفيروز کان مطالبو ڪيو ته علائقي ۾ امن امان قائم ڪرائي مقتول سعيد احمد هاليپوٽو جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي.آخري اطلاع تائين ڪيس داخل نه ٿي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.